بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم بيگم خالده ضيا کي ڍاڪا جي شير بنگلا نگر ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي

ڍاڪا -31 ڊسمبر (اي پي پي) بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي جي چيئرپرسن بيگم خالده ضيا کي گذريل ڏينهن منجهند جو گادي واري هنڌ ڍاڪا جي شير بنگلا نگر ۾ سندس مڙس ۽ مرحوم صدر ضياءُ الرحمان جي پاسي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب ان موقعي تي سندس خاندان جي ماڻهن، اعليٰ سرڪاري عملدارن، پرڏيهي مهمانن، سفارتڪارن ۽ بي اين پي جا نامزد …

ڍاڪا -31 ڊسمبر (اي پي پي) بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي جي چيئرپرسن بيگم خالده ضيا کي گذريل ڏينهن منجهند جو گادي واري هنڌ ڍاڪا جي شير بنگلا نگر ۾ سندس مڙس ۽ مرحوم صدر ضياءُ الرحمان جي پاسي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب ان موقعي تي سندس خاندان جي ماڻهن، اعليٰ سرڪاري عملدارن، پرڏيهي مهمانن، سفارتڪارن ۽ بي اين پي جا نامزد ڪيل سياستدان به موجود هئا. ان کان اڳ سندس جنازي نماز جاتيه سنگساد ڀانبن جي ڏاکڻي پلازه ۾ مانڪ ميا ايونيو ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. سندس جنازي نماز مشهور ديني عالم ۽ بيت المڪرم مسجد جي خطيب مفتي محمد عبدالملڪ پڙهائي. جنازي نماز ۾ چيف ايڊوائيزر پروفيسر محمد يونس، عارضي حڪومت جي مشير، بي اين پي اڳواڻن، ٻين سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن شرڪت ڪئي. ان سان گڏوگڏ پاڪستان، ڀارت ۽ ٻين ڏکڻ ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي نمائندن به سندس آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي. هو گذريل هڪ مهيني کان سخت بيمار هئي ۽ جگر ۽ گڙدي جون پيچيدگيون، دل جا مرض، بلڊ پريشر، شگر ۽ ٻين پيچيدگين سبب ايور ڪيئر اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي. بيگم خالده ضيا 41 سالن تائين بي اين پي جي قيادت ڪئي. هو پنج ڀيرا پارليامينٽ ميمبر، 3 ڀيرا وزيراعظم ۽ ٻه ڀيرا مخالف ڌر جي اڳواڻ به رهي. بنگلاديش جي حڪومت سندس وفات تي (گذريل ڏينهن) اربع تي قومي سوڳ جو اعلان ڪيو هو.

مزید خبریں