رياض-31 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي انصاف واري وزير وليد الصمعاني مملڪت ۾ سعودي عرب جي شهرين جي پرڏيهين سان گهربل اجازت بنا ڪيل نڪاح جي معاهدن بابت نون ضابطن جي منظوري جاري ڪئي آهي. نئين ضابطي تحت سعودي شهري هاڻي پرڏيهي عورت ۽ پرڏيهي مرد جي سعودي شهري سان شادي جا شرط ۽ نڪاح نامي جي داخلا ۾ سهولت فراهم ڪئي وئي آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب …
سعودي عرب پاران سعودي شهرين جي پرڏيهين سان نڪاح بابت نوان ضابطه منظور

مزید خبریں
رياض-31 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي انصاف واري وزير وليد الصمعاني مملڪت ۾ سعودي عرب جي شهرين جي پرڏيهين سان گهربل اجازت بنا ڪيل نڪاح جي معاهدن بابت نون ضابطن جي منظوري جاري ڪئي آهي. نئين ضابطي تحت سعودي شهري هاڻي پرڏيهي عورت ۽ پرڏيهي مرد جي سعودي شهري سان شادي جا شرط ۽ نڪاح نامي جي داخلا ۾ سهولت فراهم ڪئي وئي آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب نئين ضابطي تحت سعودي ۽ پرڏيهي شهري وچ ۾ اجازت نامي بنا ڪيل نڪاح جا معاهدا سول اسٽيٽس ڪورٽ ۾ پروسيس ڪيا ويندا. ان نئين فيصلي جو مقصد خاندانن کي مستحڪم ڪرڻ ، جوڙي بابت مسئلن جي حل، نڪاح ۽ ان بابت طريقيڪار کي انصاف واري وزارت جي طريقيڪي موجب قانوني طور تي دستاويزي شڪل ڏيڻ آهي. سعودي شهرين جي پرڏيهين سان شادي جي نئين طريقيڪارموجب نڪاح نامي جي عدالت ۾ رجسٽري ضروري هوندي. ڏنل درخواست گهرو وزارت جي منظوري کانپوءِ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي. وزارت پاران اين او سي حاصل ڪرڻ کان پوءِ باقي ڪارروائي مڪمل ڪئي ويندي. اهڙي نڪاه نامي جي رجسٽريشن قابل قبول نه هوندي جنهن ۾ قانون جي شق 9 ۽ 11 جي خلاف ورزي ڪئي وئي هجي. اهي ٻئي شقون اهڙن ماڻهن جي باري ۾ آهن جن جي عمر 18 سالن کان گهٽ هجي يا ڪو هڪ ڌر دم جي مرض ۾ مبتلا هجي. ان صورت ۾ شادي کي رجسٽرڊ نه ڪيو ويندو. قانون جي شق 11 ۾ ڪيل وضاحت ۾ ان ڳالهه جي اجازت ڏني وئي آهي ته عدالت ان ڳالهه جي مجاز هوندي ته چريي يا ذهني طور تي ڪمزور شخص سان ان جي سرپرست جي درخواست تي شادي جي اجازت ڏئي سگهي ٿي پر ان لاءِ ٻين شرطن جو پورو ڪرڻ ضروري آهي جن ۾ سر پرست کي طبي حوالي سان اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته ذهني مريض خطرناڪ ناهي ۽ شادي ان جي مفاد ۾ ٿي سگهي ٿي.











