سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو اجلاس، ڪيترن ئي اهم فيصلن جي منظوري ڏني وئي

ڪراچي- 30 ڊسمبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪيترن ئي اهم فيصلن جي منظوري ڏني وئي جنهن ۾ سنڌ لينڊ روينيو بل تحت زمينن جي رڪارڊ جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ اي-ٽرانسفر، صوبي ۾ موٽر ٿرڊ پارٽي انشورنس لاڳو ڪرڻ، ڊينش اسڪولن لاءِ زمين جي الاٽمينٽ، بلدياتي اسڪولن جي انتظام لاءِ دي سٽيزنز فائونڊيشن سان معاهدا، انٽر پروونشل ڪوآرڊينيشن کاتي جي …

ڪراچي- 30 ڊسمبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪيترن ئي اهم فيصلن جي منظوري ڏني وئي جنهن ۾ سنڌ لينڊ روينيو بل تحت زمينن جي رڪارڊ جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ اي-ٽرانسفر، صوبي ۾ موٽر ٿرڊ پارٽي انشورنس لاڳو ڪرڻ، ڊينش اسڪولن لاءِ زمين جي الاٽمينٽ، بلدياتي اسڪولن جي انتظام لاءِ دي سٽيزنز فائونڊيشن سان معاهدا، انٽر پروونشل ڪوآرڊينيشن کاتي جي ڪردار جي نئين سر تنظيم سازي ۽ صوبائي توڙي ضلعي سالياني ترقياتي پروگرام 27-2026ع لاءِ رهنما هدايتن جي منظوري شامل آهي۔ اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيو. ڪابينا سنڌ لينڊ روينيو (ترميمي) بل ۾ ترميمن جي منظوري ڏني جنهن جو مقصد صوبي ۾ زمينن جي رڪارڊ جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ اي-ٽرانسفر آف لينڊ ٽائيٽل سسٽم متعارف ڪرائڻ آهي جڏهن ته بل کي سنڌ اسيمبلي ڏانهن موڪليو ويو۔ ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته هي منصوبو جنهن جي منظوري 8 جولاءِ 2025ع تي ڏني وئي هئي، رڪارڊ آف رائيٽس جي ٻيهر تياري ۽ تصديق، بلاڪ چين تي ٻڌل ڊيٽابيس ذريعي زمينن جي ڊيٽا جي ڊجيٽلائيزيشن، ۽ زمينن جي ٽائيٽلز جي اي-ٽرانسفر سسٽم جي تياري تي ٻڌل آهي۔ پائلٽ مرحلو ضلعي مٽياري جي ديهه پليجاڻي ۽ مٽياري جڏهن ته ضلعي سکر جي ديهه باگڙجي ۾ لاڳو ڪيو پيو وڃي۔ قانوني تحفظ مهيا ڪرڻ لاءِ سنڌ لينڊ روينيو ايڪٽ 1967ع ۾ ترميمن جي تجويز ڏني وئي آهي جنهن ۾ آءِ سي ٽي سان لاڳاپيل تعريفن جو اضافو، رڪارڊ آف رائيٽس جي تعريف کي وڌائي ڊجيٽل رڪارڊ شامل ڪرڻ ۽ نئون سيڪشن 42-A شامل ڪرڻ آهي جنهن تحت حڪومت کي ڊجيٽلائيزيشن ۽ اي-ٽرانسفر بابت قاعدا ٺاهڻ جو اختيار ملندو۔ ڪابينا بورڊ آف ريونيو ۽ سکر آءِ بي اي جي ڪوششن کي ساراهيو۔ سنڌ اسيمبلي مان بل جي منظوري بعد هن قانون تي عمل هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو۔ وڏي وزير هن قانون کي عوامي مفادن، شفافيت ۽ درستگي لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو۔ موٽر ٿرڊ پارٽي انشورنس تي ڪابينا صوبي ۾ لازمي موٽر ٿرڊ پارٽي انشورنس لاڳو ڪرڻ جو جائزو ورتو۔ وڏي وزير جي هدايت تي ايڪسائيز کاتي انشورنس ايسوسيئيشن آف پاڪستان سان ڪليم جي ادائيگي جي عمل کي آسان بڻائڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون۔ وڏي وزير ايڪسائيز کاتي کي هدايت ڪئي ته باقاعده انشورئڊ گاڏين سان لاڳاپيل ڪيسن ۾ معاوضي جي ادائيگي کي يقيني بڻايو وڃي۔ هن عوامي سهولت لاءِ انشورنس فيسيلٽيشن ڊيسڪ قائم ڪرڻ، سڄي انڊسٽري ۾ هڪجهڙا پريميم ريٽ مقرر ڪرڻ، 24 ڪلاڪ هيلپ لائين قائم ڪرڻ ۽ انشورنس سرويئرز جي مدد مهيا ڪرڻ جي به هدايت ڪئي، ته جيئن متاثر ماڻهن ۽ وارثن جي رهنمائي ٿي سگهي۔ وڏي وزير ڪابينا سان صلاح مشوري بعد فيصلو ڪيو ته موٽر ٿرڊ پارٽي انشورنس ايندڙ مالي سال کان لاڳو ڪئي ويندي۔ ان سان گڏ اسٽيمپ ڊيوٽي 500 رپين مان گهٽائي 50 رپيا ڪرڻ ۽ ٿرڊ پارٽي موٽر انشورنس تي سيلز ٽيڪس 15 سيڪڙو مان گهٽائي 5 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويزن جي به منظوري ڏني وئي۔ مراد علي شاهه موٽر وهيلڪلز قانون ۾ ترميمن ذريعي موٽر سائيڪلن کي لازمي انشورنس مان ڇوٽ ڏيڻ جي منظوري پڻ ڏني۔ هن قدم جو مقصد روڊ حادثن ۾ متاثر ٿيندڙ ٽين ڌر کي معاوضو مهيا ڪرڻ ۽ سڄي سنڌ ۾ نجي ۽ ڪمرشل گاڏين جي ڊرائيورن لاءِ انشورنس ڪوريج کي يقيني بڻائڻ آهي۔ سنڌ ڪابينا جي نظرثاني ٿيل تجويز تحت موٽر ٿرڊ پارٽي انشورنس جي مؤثر لاڳو ڪرڻ لاءِ موٽر وهيلڪلز قانون ۾ ترميمون ڪيون وينديون۔ موٽر وهيلڪلز آرڊيننس 1965ع ۾ ترميمون تجويز ڪيون ويون آهن جن کي منظوري لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. ان کان علاوه، موٽر وهيلڪلز ايڪٽ 1939 جي شق 19 ۽ 20 ۾ ترميمون تجويز ڪيون ويون آهن، جن جو بنيادي مقصد ٻه ڦيٿن وارن (موٽر سائيڪلن) کي لازمي ٿرڊ پارٽي انشورنس کان ڇوٽ قرار ڏيڻ آهي جڏهن ته سنڌ اسيمبلي کان منظوري ملي ويندي ته اهي ترميمون ايندڙ مالي سال کان صوبي ۾ موٽر ٿرڊ پارٽي انشورنس لاڳو ڪرڻ لاءِ قانوني فريم ورڪ فراهم ڪنديون. ڪابينا ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ واقع بلدياتي اسڪولن جي انتظام لاءِ ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنز (ملير، چنيسر ۽ لياري) ۽ دي سٽيزنز فائونڊيشن جي وچ ۾ ڪنسيشن ۽ لائسنس معاهدن جي منظوري ڏني۔ هي قدم سنڌ رائيٽ آف چلڊرن ٽو فري اينڊ ڪمپلسري ايجوڪيشن ايڪٽ 2013ع سان هم آهنگ آهي، جنهن تحت 21 اسڪولن ۾ شاگردن کي مفت معياري تعليم، بشمول فِيس، يونيفارم ۽ تعليمي مواد فراهم ڪيو ويندو۔ معاهدن تحت ٽي سي ايف 25 سالن لاءِ اسڪولن جي تعمير، رنگ ۽ رونق ۽ انتظام سنڀاليندي، جنهن کي گڏيل رضامندي سان وڌائي به وڃي سگهي ٿو، جڏهن ته ٽي ايم سيز زمين ۽ عمارتون مفت فراهم ڪنديون۔ ڪابينا جي منظوري سان منتخب اسڪولن جي فوري مرمت ۽ انهن کي فعال بڻائڻ جو عمل ممڪن ٿي ويو آهي جنهن سان هزارين شاگرد ڪراچي ۾ فائدو حاصل ڪندا۔ ڪابينا تفصيلي غورويچار کان پوءِ سنڌ گورنمينٽ رولز آف بزنس 1986 ۾ ترميم جي تجويز منظور ڪئي، جنهن تحت انٽر پروونشل ڪوآرڊينيشن کاتي جي مَينڊيٽ کي نئين سر تنظيم جو تعين ڪيو ويو، ته جيئن ان جو ورجائجڻ ختم ٿئي ۽ بين الصوبائي رابطو مضبوط ٿئي۔ نظرثاني ٿيل فريم ورڪ تحت آءِ پي سي کاتو ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽس انٽر پروونشل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي ۽ ٻين بين الصوبائي فورمن جو انتظامي کاتو هوندو جڏهن ته وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري کي تحقيقاتي بنيادن تي پاليسي مشوري ۽ اسٽريٽجڪ مدد ڏيڻ لاءِ پاليسي ٿنڪ ٽينڪ طور به ڪم ڪندو۔ ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته زراعت، صنعت، سيڙپڪاري، معدنيات، ثقافت، آءِ ٽي ۽ اسٽيٽوا سميت ٻين کاتن پهريان ڪيترائي آءِ پي سي ڪم انجام ڏئي رهيا هئا۔ نون قاعدن جو مقصد ذميوارين کي منظم ڪرڻ ۽ وفاقي حڪومت ۽ ٻين صوبن سان رابطا بهتر ڪرڻ آهي۔ ڪابينا صوبائي ۽ ضلعي سالياني ترقياتي پروگرام سال 27-2026ع لاءِ هدايتن جي منظوري ڏني۔ ڪابينا سمورن انتظامي کاتن کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجا تجويز ڪيل ترقياتي منصوبا حڪومت جي معاشي ايجنڊا سان هم آهنگ ڪن، ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته نيون اسڪيمون منظور ٿيل ترقياتي حڪمت عملي سان هڪجهڙائي رکن ۽ نتيجا واضح ۽ ماپڻ جهڙا هجن۔ موسمياتي مزاحمتي ترقي، ٻوڏ متاثر انفراسٽرڪچر جي بحالي ۽ مڪمل ٿيڻ، ۽ غيرملڪي معاون منصوبن لاءِ ڪائونٽرپارٽ فنڊ مختص ڪرڻ تي زور ڀريو ويو۔ وڏي وزير کاتن کي هدايت ڪئي ته ملٽي ڊائيمينشنل پاورٽي انڊيڪس، آدمشماري ۽ ايم آئي سي ايس جهڙن جديد ڊيٽا ذريعن کي استعمال ڪندي مقداري هدف مقرر ڪن، پي اينڊ ڊي ڊي ڪميٽي ذريعي اسڪيمن جي ورجائجڻ کان بچن، ۽ سڀني اي ڊي پي اسڪيمن جي جي پي ايس ٽيگنگ ۽ آن لائن تصديق کي يقيني بڻائن۔ جاري اسڪيمن کي ترجيح ڏيندي گهٽ ۾ گهٽ 80٪ بجيٽ انهن لاءِ مختص ڪئي وڃي، جڏهن ته مڪمل ٿيڻ جي ويجهو يا علامتي فنڊنگ واري اسڪيم کي منظم، مرحليوار ختم يا حذف ڪيو وڃي۔ نيون اسڪيمون جيڪي اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشوري کان پوءِ تيار ٿينديون، موسمياتي مزاحمتي انفراسٽرڪچر، صحت، تعليم، آبپاشي، زراعت، پاڻي جي فراهمي، صفائي، شهري رابطي، ڪاربان ڪريڊٽ جي پيداوار ۽ جامع صنفي حساس سماجي تحفظ تي ڌيان ڏينديون۔ کاتن کي مالي پابندين وارن منصوبن لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جا امڪان پڻ ڳولڻ جي هدايت ڏني وئي۔ ضلعي اي ڊي پي لاءِ سڀني ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي وئي ته ضلعي اسڪيمن جي بروقت تياري ۽ منظوري کي يقيني بڻائين، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ ڪمشنر، پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪندا۔ وڏي وزير سڀني هدايتن تي سخت عملدرآمد تي زور ڀريو جنهن ۾ نجي زمين جي استعمال کان پرهيز ڪرڻ، شعبي وار ترجيحن جي پابندي ۽ موسمياتي قدم شامل ڪرڻ ۽ ترقياتي اثرن کي وڌائڻ لاءِ ايس اي پي ۽ وفاقي/صوبائي اي ڊي پي اسڪيمن سان هم آهنگي شامل آهي۔ ڪابينا صوبائي سطح تي صنعتي علائقن جي ترقي لاءِ 2.9 ارب رپيا منظور ڪيا۔ ان موقع تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته شهر جي سڀني صنعتي علائقن ۾ روڊن ۽ نيڪال جي نظام جي مرمت ڪري انهن کي ۽ اپگريڊ ڪيو ويندو۔ هن سنڌ حڪومت جي صنعتي ترقي لاءِ عزم جو ارادو ڪيو ۽ اعلان ڪيو ته صوبي جي ٻين شهرن ۾ صنعتي علائقن ۽ اسٽيٽس لاءِ پڻ الڳ پيڪيجز جو اعلان ڪيو ويندو۔ صنعت کاتو انهن منصوبن تي سرگرمي سان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ منصوبا حتمي ٿيڻ کان پوءِ پيڪيجز جو باضابطه اعلان ڪيو ويندو۔ هڪ ٻئي معاملي تي وڏي وزير 23 ضلعن ۾ منعقد ٿيل کليل ڪچهرين جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو۔ هن امن ۽ امان، پوليس، صحت، بلدياتي خدمتن، پاڻي جي فراهمي ، روڊن، آبپاشي ۽ تعليم سان لاڳاپيل شڪايتن تي ڌيان ڏنو۔ وڏي وزير سڀني آفيسرن کي هدايت ڪئي ته عوامي شڪايتون فوري طور حل ڪيون وڃن ۽ رپورٽ پيش ڪئي وڃي۔ هن اعلان ڪيو ته کليل ڪچهريون جنوري جي ٻئي هفتي کان ٻيهر شروع ٿينديون ۽ شڪايتن جو مناسب حل نه ڪرڻ تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي۔