حيدرآباد - 30 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ حيدرآباد پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن ۽ گورننگ باڊي جي ميمبرن کي ڪاميابي تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته حيدرآباد پريس ڪلب جو شمار سنڌ جي اهم پريس ڪلبن ۾ ٿئي ٿو. صحافين جي حقن ۽ صحافت کي هٿي ڏيڻ جو اهم مرڪز پريس ڪلب آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته اميد ڪجي ٿي ته نوان عهديدار ڪلب جي ميمبرن …
سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران حيدرآباد پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن ۽ گورننگ باڊي جي ميمبرن کي مبارڪون

مزید خبریں
حيدرآباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ حيدرآباد پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن ۽ گورننگ باڊي جي ميمبرن کي ڪاميابي تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته حيدرآباد پريس ڪلب جو شمار سنڌ جي اهم پريس ڪلبن ۾ ٿئي ٿو. صحافين جي حقن ۽ صحافت کي هٿي ڏيڻ جو اهم مرڪز پريس ڪلب آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته اميد ڪجي ٿي ته نوان عهديدار ڪلب جي ميمبرن جي بهتري لاءِ اثرائتا قدم کڻندا ۽ صحافي برادري جي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. هن پريس ڪلب حيدرآباد جي اڳوڻي باڊي جي خدمتن کي به ساراهيو.









