بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالده ضياءَ 80 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي

ڍاڪا-30 ڊسمبر(اي پي پي) بنگلاديش جي اڳوڻي وزير اعظم ۽ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي(بي اين پي) جي سربراهه خالده ضياءَ 80 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي جنهن جو اعلان سندس پارٽي ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب فيس بڪ تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بي اين پي جي چيئرپرسن ۽ اڳوڻي وزيراعظم بيگم خالده ضياءَ صبح جو فجر جي نماز جي فورن بعد فوت ٿي وئي. خالده ضيا ڪيترن ئي سالن کان بيمار رهي ۽ قيد جون تڪليفون سهندي رهي، …

ڍاڪا-30 ڊسمبر(اي پي پي) بنگلاديش جي اڳوڻي وزير اعظم ۽ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي(بي اين پي) جي سربراهه خالده ضياءَ 80 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي جنهن جو اعلان سندس پارٽي ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب فيس بڪ تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بي اين پي جي چيئرپرسن ۽ اڳوڻي وزيراعظم بيگم خالده ضياءَ صبح جو فجر جي نماز جي فورن بعد فوت ٿي وئي. خالده ضيا ڪيترن ئي سالن کان بيمار رهي ۽ قيد جون تڪليفون سهندي رهي، پر نومبر ۾ هن ايندڙ سال فيبروري ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو وعدو ڪيو هيو جيڪو گذريل سال عوامي احتجاج کانپوءِ سندس مخالف شيخ حسينه کي اقتدار تان هٽائڻ کان پوءِ پهريون عام چونڊون هيون. بي اين پي کي چونڊن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪاميابي جا امڪان نظر اچي رهيا هئا. نومبر جي آخر ۾ کيس  اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتي طبي ماهرن جي ڪوششن باوجود سندس صحت خراب ٿيندي وئي. وفات کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ، پارٽي ڪارڪنن ٽن تڪن  تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. خالده ضيا کي سال 2018 ع ۾ حسينه حڪومت تحت بد عنواني جي ڪيس ۾ کيس قيد ڪيو ويو هيو  ۽ طبي علاج لاءِ پرڏيهه سفر ڪرڻ کان به روڪيو ويو هيو. جنهن کي گذريل سال آزاد ڪيو ويو جڏهن ته شيخ حسينه کي اقتدار ڇڏڻو پيو. مرحومه جو پٽ ۽ سياسي اڳواڻ طارق رحمان 17 سالن جي جلاوطني بعد خميس ڏينهن بنگلاديش واپس آيو ۽ پارٽي کي فيبروري 12 جي عام چونڊن ۾ قيادت ڏيندو جيڪڏهن پارٽي اڪثريت حاصل ڪري ٿي ته هو وزير اعظم طور نامزد ڪيو ويو ويندو.

مزید خبریں