دوائن جي وقت سر فراهمي، موبائل يونٽس ۽ ريسڪيو سروسز جي نگراني، ڊيٽا ۽ رڪارڊ جي مڪمل شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي: صوبائي صلاحڪار گيانچند ايسراڻي

ڪراچي- 29 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير جي بحاليءَ کاتي بابت صلاحڪار گيانچند ايسراڻي کاتي جي آفيسرن کي سخت ۽ واضح هدايتون ڏيندي چيو آهي ته عوامي خدمت ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. دوائن جي وقت سر فراهمي، موبائل يونٽس ۽ ريسڪيو سروسز جي نگراني، ڊيٽا ۽ رڪارڊ جي مڪمل شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙيون هدايتون هن پي ڊي ايم اي …

ڪراچي- 29 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير جي بحاليءَ کاتي بابت صلاحڪار گيانچند ايسراڻي کاتي جي آفيسرن کي سخت ۽ واضح هدايتون ڏيندي چيو آهي ته عوامي خدمت ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. دوائن جي وقت سر فراهمي، موبائل يونٽس ۽ ريسڪيو سروسز جي نگراني، ڊيٽا ۽ رڪارڊ جي مڪمل شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙيون هدايتون هن پي ڊي ايم اي هيڊ ڪوارٽر ۾ منعقد بحالي کاتي جي ماتحت ڪم ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي بابت اهم اجلاس جي صدارت دوران جاري ڪيون. هن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته  2025ع جي ٻوڏ دوران ضلعن ۾ استعمال ۽ ورڇ ڪيل رليف سامان جو مڪمل رڪارڊ فوري طور تي ڊپٽي ڪمشنرن کان حاصل ڪيو وڃي. هن ريسڪيو 1122 لاءِ فائر ٽينڊرز جي کوٽ تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري سمري موڪلڻ، ميرپورخاص ۾ جاري منصوبن جو پاڻ دورو ڪرڻ ۽ جنوري ۾ سمورن گودامن جي معائني جو اعلان ڪيو. گيانچند ايسراڻي وڌيڪ چيو ته بحالي کاتي جو بنيادي مقصد آفتن کان اڳ، دوران ۽ بعد ۾ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ آهي ۽ سنڌ حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪري رهي آهي. اجلاس جي پڄاڻي تي سمورن ايجنڊا آئٽمز جي منظوري ڏني وئي ۽ کاتن کي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي هدايت ڪئي وئي. اجلاس ۾ ايس اين اي 26-2025ع، اي ڊي پي اسڪيمن، خالي آسامين، بجيٽ جي مسئلن، اسيمبلي سوالن ۽ عوامي شڪايتن تي پڻ تفصيلي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ سمورن ادارن جي سربراهن پنهنجي پنهنجي کاتن جي سال 2025ع جي ڪارڪردگي، ڪاميابين، چئلنجز ۽ مستقبل جي منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس دوران ڊي جي واجد صبغت الله مھر بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ريسڪيو 1122 سال 2025ع دوران لکين طبي ايمرجنسيز، باهه لڳڻ، ٻڏي وڃڻ، روڊ حادثن ۽ ٻين واقعن تي وقت سر رسپانس ڏنو، جڏهن ته 36 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي تربيت پڻ فراهم ڪئي وئي. ڊائريڪٽر پي ڊي ايم اي ٻڌايو ته 2025ع جي ٻوڏ دوران وقت سر وارننگ، ڪنٽرول روم جي قيام، رليف سامان جي دستيابي ۽ ضلعن ۾ اثرائتي ورڇ جي قدمن سان وڏي نقصان کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ويو. اجلاس ۾ موبائل هيلٿ يونٽس ذريعي ڏورانهن علائقن ۾ لکين مريضن کي مفت علاج، دوائن ۽ سهولتن جي فراهمي بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري بحالي نثار احمد ميمڻ، ڊي جي ريسڪيو 1122 واجد صبغت الله مھر، ڊائريڪٽر ايڊمن اينڊ فنانس پي ڊي ايم اي شاهه حسين شاهه، ڊائريڪٽر موبائل ڊائگناسٽڪ اينڊ ايمرجنسي هيلٿ ڪيئر سروسز ڊاڪٽر خانسه سميت اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.