سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ سنڌ جي ثقافتي ورثي بابت مشاورتي ڪميٽي جو اجلاس

ڪراچي- 29 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ تاريخي ۽ ورثي واري عمارتن جي جامع سروي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيئن ثقافتي ورثي جي اثرائتي تحفظ، دستاويزي رڪارڊ جي بهتري ۽ قانوني نگراني کي يقيني بڻائي سگهجي. چيف سيڪريٽري جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اهو فيصلو چيف سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ جي ثقافتي ورثي بابت مشاورتي ڪميٽي …

ڪراچي- 29 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ تاريخي ۽ ورثي واري عمارتن جي جامع سروي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيئن ثقافتي ورثي جي اثرائتي تحفظ، دستاويزي رڪارڊ جي بهتري ۽ قانوني نگراني کي يقيني بڻائي سگهجي. چيف سيڪريٽري جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اهو فيصلو چيف سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ جي ثقافتي ورثي بابت مشاورتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس دوران چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه چيو ته صوبي ۾ ورثي عمارتن جو آخري جامع سروي سال 2017ع ۾ ڪيو ويو هو، جنهن دوران 3371 عمارتن کي ورثو قرار ڏنو ويو هو. هن چيو ته وقت گذرڻ سان گڏ انهن عمارتن جي موجوده حالت جو جائزو وٺڻ، نئين ورثي واري عمارتن جي سڃاڻپ ڪرڻ ۽ انهن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ هاڻي ضروري ٿي چڪو آهي. چيف سيڪريٽري چيو ته تاريخي عمارتون سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ ۽ تاريخي ورثي جي عڪاسي ڪن ٿيون، جن جي تحفظ لاءِ تصديق ٿيل ڊيٽا، مضبوط فني صلاحيت ۽ اثرائتن قانونن جي ضرورت آهي. ان مقصد لاءِ هن کاتي جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي سيڪريٽريٽ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي سيڪريٽريٽ سپورٽ لاءِ مارڪيٽ مان اهل ۽ قابل ماڻهن جي ڀرتي ڪئي ويندي، جيئن ورثي وارين عمارتن جي تحفظ، بحالي ۽ نگراني جا ڪم پيشيوراڻي انداز ۾ سرانجام ڏئي سگهجن. اجلاس ۾ ورثي وارين عمارتن جي تحفظ لاءِ قانونن کي وڌيڪ سخت ۽ اثرائتو بڻائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، جيئن غير قانوني تعمير، قبضا ۽ ورثي واري عمارتن کي نقصان پهچائڻ جي لاڙن کي روڪڻ ممڪن بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ سيڪريٽري ثقافت ۽ ورڪس اينڊ سروسز، ڊائريڪٽر جنرل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، ڊائريڪٽر جنرل آثارِ قديمه کاتو، ڪميٽي ميمبر حميد هارون، نامياري ماهر آثار قديمه ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاري ۽ آرڪيٽيڪچرل ڪنسلٽنٽ ۽ ڪميٽي ميمبر سهيل احمد ڪلهوڙو شرڪت ڪئي.