اتر ڪوريا پاران ڊگھي فاصلي تائين مار ڪندڙ ڪروز ميزائلن جو تجربو

پيانگ يانگ-29 ڊسمبر (اي پي پي) اتر ڪوريا سمنڊ ۾ ڊگھي فاصلي تائين مار ڪندڙ ٻن اسٽريٽيجڪ ڪروز ميزائلن جو تجربو ڪيو آهي. پرڏيھي ميڊيا مطابق اتر ڪوريا جي سرڪاري خابرو اداري ٻڌايو ته اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان، ان عمل جي پاڻ نگراني ڪئي. ھن ملڪ جي ايٽمي ھٿيارن جي صلاحيت کي لامحدود ۽ مسلسل ترقي ڏيڻ تي زور ڀريو. ڏکڻ ڪوريا جي فوج مطابق اتر ڪوريا …

پيانگ يانگ-29 ڊسمبر (اي پي پي) اتر ڪوريا سمنڊ ۾ ڊگھي فاصلي تائين مار ڪندڙ ٻن اسٽريٽيجڪ ڪروز ميزائلن جو تجربو ڪيو آهي. پرڏيھي ميڊيا مطابق اتر ڪوريا جي سرڪاري خابرو اداري ٻڌايو ته اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان، ان عمل جي پاڻ نگراني ڪئي. ھن ملڪ جي ايٽمي ھٿيارن جي صلاحيت کي لامحدود ۽ مسلسل ترقي ڏيڻ تي زور ڀريو. ڏکڻ ڪوريا جي فوج مطابق اتر ڪوريا جي گادي واري شھر پيانگ يانگ ويجھو ضلعي سونان مان ڪيترائي ميزائل فائر ڪرڻ جي ڄاڻ ملي، جنھن جو مقصد ڊگھي فاصلي جي ميزائل يونٽس جي جوابي حملن جي تياري ۽ جنگي صلاحيت جو جائزو وٺڻو ھو.

مزید خبریں