گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائندي عاصم افتخار احمد جو رفيع الدين احمد ۽ ڊاڪٽر شمشاد اختر جي لاڏاڻو تي تعزيت جو اظهار

نيويارڪ -28 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائندي عاصم افتخار احمد پاڪستان جي ٻن مشهور سول سرونٽس رفيع الدين احمد ۽ ڊاڪٽر شمشاد اختر جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي هن ٻنهين جي وفات کي سفارتڪاري لاءِ وڏو نقصان قرار ڏنو آهي. پنهنجي بيان ۾ سفير عاصم افتخار احمد چيو ته ٻنهي شخصيتن عالمي سطح تي امن ۽ ترقي جي مقصدن لاءِ …

نيويارڪ -28 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائندي عاصم افتخار احمد پاڪستان جي ٻن مشهور سول سرونٽس رفيع الدين احمد ۽ ڊاڪٽر شمشاد اختر جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي هن ٻنهين جي وفات کي سفارتڪاري لاءِ وڏو نقصان قرار ڏنو آهي. پنهنجي بيان ۾ سفير عاصم افتخار احمد چيو ته ٻنهي شخصيتن عالمي سطح تي امن ۽ ترقي جي مقصدن لاءِ نمايان ۽ قدر جوڳيون خدمتون انجام ڏنيون. رفيع االدين احمد پاڪستان فارن سروس جو اڳوڻو آفيسر هو ۽ هن گڏيل قومن جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڪرٽ والڊ هائم جي چيف ڊي ڪيبنٽ سميت ڪيترن ئي اهم عهدن تي خدمتون انجام ڏنيون، جيڪو ڇنڇر ڏينهن نيويارڪ ۾ 93 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ڊاڪٽر شمشاد اختر مشهور معاشي ماهر ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اڳوڻي گورنر هئي، هن گڏيل قومن ۾ به اهم ذميواريون انجام ڏنيون، جن ۾ گڏيل قومن جي اقتصادي ۽ سماجي ڪميشن فار ايشيا ۽ بحرا لڪاهل(ايس ڪيپ) جي ايگزيڪيوٽو سيڪريٽري طور خدمتون ۽ ورلڊ بئنڪ ۾ اعليٰ عهدي تي به خدمتون انجام ڏنيون. سفير عاصم افتخار احمد چيو ته اهو پاڪستان لاءِ هڪ افسوسناڪ ڏينهن آهي.

مزید خبریں