ڪراچي-26 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لاڙڪاڻي ۾ 600 بسترن تي ٻڌل اسپتال جي منصوبي جي اڳڀرائي، ڊزائين، دائري ڪار ۽ مالي فريم ورڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن منصوبي کي اپر سنڌ لاءِ صحت جي شعبي جو هڪ وڏو ۽ اهم منصوبو قرار ڏنو پيو وڃي، اسپتال ٻن سالن اندر مڪمل ڪئي ويندي. منصوبي جو بنياد وجهڻ جي تقريب مارچ 2026ع …
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لاڙڪاڻي ۾ 600 بسترن تي ٻڌل اسپتال جي منصوبي جي اڳڀرائي، ڊزائين، دائري ڪار ۽ مالي فريم ورڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي، منصوبي جو بنياد وجهڻ جي تقريب مارچ 2026ع ۾ رٿيل
ڪراچي-26 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لاڙڪاڻي ۾ 600 بسترن تي ٻڌل اسپتال جي منصوبي جي اڳڀرائي، ڊزائين، دائري ڪار ۽ مالي فريم ورڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن منصوبي کي اپر سنڌ لاءِ صحت جي شعبي جو هڪ وڏو ۽ اهم منصوبو قرار ڏنو پيو وڃي، اسپتال ٻن سالن اندر مڪمل ڪئي ويندي. منصوبي جو بنياد وجهڻ جي تقريب مارچ 2026ع ۾ رٿيل آهي جڏهن ته پهريون ٽاور هڪ سال اندر ۽ ٻيو ٽاور ان کان پوءِ ايندڙ سال مڪمل ڪيو ويندو.اهڙو اعلان وڏي وزير هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وڏي وزير ان سلسلي ۾ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ (پي اينڊ ڊي) ۽ صحت کاتي کي هدايتون پڻ جاري ڪيون. وڏي وزير چيو ته ان اسپتال جو منصوبو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي شروع ڪيو ويو آهي ۽ چيئرمين جي ويزن موجب هي سهولت اتر سنڌ جي ماڻهن کي معياري صحت جون سهولتون فراهم ڪندي. اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي عملدارن ٻڌايو ته لاڙڪاڻي جي اسپتال 6 منزلن تي ٻڌل هوندي جنهن ۾ هڪ بيسمينٽ پڻ شامل هوندو ۽ ان کي ٻن مرحلن ۾ تعمير ڪيو ويندو. اسپتال جي مجموعي گنجائش 596 بسترا هوندي ۽ عملي طور اهو 600 بسترن تي مشتمل هڪ ٽرشري ڪيئر اسپتال هوندو. وڏي وزير پاران منظور ڪيل منصوبي موجب اسپتال ٻن مرحلن ۾ مڪمل ٿيندي. پهريون مرحلو بيسمينٽ سميت 6 منزلن تي مشتمل هڪ ٽاور هوندو جنهن ۾ 288 نرسنگ ڪيئر بسترا، 92 ايمرجنسي بسترا ۽ 48 آءِ سي يو بسترا شامل هوندا. ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ 144 نرسنگ ڪيئر بسترا ۽ 24 آءِ سي يو بسترا شامل ڪيا ويندا جنهن کان پوءِ مجموعي گنجائش 432 نرسنگ ڪيئر بسترا، 92 ايمرجنسي (اي آر) بسترا ۽ 72 آءِ سي يو بسترا ٿي ويندي. وڏي وزير چيو ته اسپتال ۾ جديد ايمرجنسي سهولتون، او پي ڊي، ريڊيالا جي، ڊائلاسس، ليبارٽريون، بلڊ بينڪ، اينڊواسڪوپي، ڊي سرجري يونٽ، 8 آپريشن ٿيٽر، پري ۽ پوسٽ آپريٽو وارڊ، رِڪوري ايريا ۽ خاص ميڊيڪل ۽ سرجري آءِ سي يو شامل هوندا. ان کان علاوه بحالي (ريهيبليٽيشن) جون سهولتون، انتظامي آفيسون ۽ مريضن جي ساٿين لاءِ انتظارگاهون به منصوبي جو حصو هونديون. بيسمينٽ ۾ اهم معاون سهولتون قائم ڪيون وينديون، جن ۾ ڪچن ۽ اسٽاف ڊائننگ ايريا، سي ايس ايس ڊي، لانڊري، مرده خانو، ميڊيڪل گيس پلانٽ، ويسٽ مينيجمينٽ سسٽم، اسٽوريج ايريا ۽ لوڊنگ ۽ ان لوڊنگ ڊاڪس شامل هوندا. فلور وار منصوبا بندي تحٽ گرائونڊ فلور تي ايمرجنسي ٽرائيا، ريڊيالا جي، ميڊيڪل ۽ سرجري او پي ڊي، فارمييسي، ڊائلاسس يونٽ، مرد ۽ عورتن لاءِ اي آر آبزرويشن وارڊ، ريهيبليٽيشن ۽ انتظامي آفيسون قائم ڪيون وينديون. پهرين منزل تي اينڊواسڪوپي، ڊي سرجري، سپر اسپيشلٽي او پي ڊي، پيٿالاجي ليبارٽري، بلڊ بينڪ، آپريشن ٿيٽر، پري آپريٽو وارڊ، رِڪوري ايريا ۽ ميڊيڪل ۽ سرجري آءِ سي يو هوندا. ٻي منزل ۽ ٽئين کان ڇهين منزل تائين مکيه طور مريضن جا وارڊ، آءِ سي يو جي توسيع، مهمانن جون لابيون ۽ آپريشنل سپورٽ ايريا هونديون، جڏهن ته آخري ماڙ تي مشين روم ۽ لفٽ سروسز هونديون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسپتال جي عمارت جي ڪُل ايراضي اٽڪل 604494 چورس فٽ هوندي. ان کان علاوه 48000 چورس فٽ تي ٻڌل هڪ اڪيڊمڪ بلاڪ ۽ 120000 چورس فٽن تي پکڙيل پارڪنگ پلازا پڻ منصوبي ۾ شامل آهن. وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ويو ته سول ورڪس جي ٽوٽل ڪاٿي جي لاڳت لڳ ڀڳ 3.108 ارب رپيا آهي جنهن ۾ مکيه اسپتال عمارت، اضافي سول ڪم، نان شيڊيولڊ ورڪس ۽ ٻاهريان ترقياتي ڪم شامل آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه زور ڀريو ته لاڙڪاڻي جي 600 بسترن واري اسپتال هڪ فليگ شپ صحت منصوبو آهي جنهن جو مقصد اپر سنڌ جي ماڻهن کي جديد ۽ سستيون طبي سهولتون مهيا ڪرڻ آهي. هن لاڳاپيل کاتن کي شفافيت، سخت معياري ڪنٽرول ۽ وقت سر منصوبي جي مڪمل ٿيڻ کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون ڏنيون. هن وڌيڪ چيو ته اسپتال کي عالمي صحت جي معيارن مطابق ترقي ڏني وڃي خاص طور تي ايمرجنسي ڪيئر، آءِ سي يو ۽ خاص طبي سهولتن تي ڌيان ڏنو وڃي، جيئن لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي وارن ضلعن جا مريض جديد علاج لاءِ ڪراچي وڃڻ تي مجبور نه ٿين. اجلاس جي پڄاڻي ان هدايت سان ڪئي ته سڀ ضابطي واريون گهرجون جلد مڪمل ڪري مارچ 2026ع ۾ منصوبي تي عملي ڪم شروع ڪيو وڃي. اجلاس ۾ صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، سيڪريٽري ٽو سي ايم رحيم شيخ، سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ، ڊاڪٽر سعيد قريشي ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر اسپتال ڪاشف کوکر پڻ شرڪت ڪئي جڏهن ته ڪمشنر لاڙڪاڻو وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شامل ٿيو.











