لاڙڪاڻو-26 ڊسمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ اڄ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 18 هين ورسي ملهائي عوامي جلسو ڪوٺايو ويندو. ان ڏس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 18 هين ورسي ملهائڻ جي سلسلي ۾ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽي جي مقامي اڳواڻن جو چوڻ هيو ته …
لاڙڪاڻي ۾ اڄ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 18 هين ورسي ملهائي عوامي جلسو ڪوٺايو ويندو
لاڙڪاڻو-26 ڊسمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ اڄ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 18 هين ورسي ملهائي عوامي جلسو ڪوٺايو ويندو. ان ڏس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 18 هين ورسي ملهائڻ جي سلسلي ۾ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽي جي مقامي اڳواڻن جو چوڻ هيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 18 هين ورسي اڄ ڇنڇر ڏينهن نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي عوامي جلسو ڪوٺايو ويندو، جنهن ۾ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ڪو چيئرمين ۽ صدر پاڪستان آصف علي زرداري، ايم پي اي فريال ٽالپر، آصفه ڀٽو زرداري، بي بي بختاور ڀٽو زرداري، پ پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، ايم پي اي جميل احمد سومرو، ايم پي اي سهيل انور سيال سميت ٻيا مرڪزي، صوبائي توڙي مقامي اڳواڻ شرڪت ڪري جلسي کي خطاب پڻ ڪندا. هوڏانهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 18 هين ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ ملڪ جي شهرن سان گڏ دنيا جي ٻاهرين ملڪن سان واسطو رکندڙ اڳواڻن، ورڪرن، جيالن ۽ عام ماڻهن جي اچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جيڪي پنهنجي اڳواڻن جي مزارن تي حاضريون ڀري گلن جون چادرون چاڙهي فاتح خواني ڪري رهيا آهن. ٻئي پاسي جلسي گاھ جي سيڪيورٽي لاءِ 7 هزار کان وڌيڪ في ميل ۽ ميل پوليس آفيسر، اهلڪارن سان گڏ 300 رينجرس جا جوان پڻ مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته واڪ ٿرو گيٽس، سي سي ٽي وي ڪيمرائون، بم ڊسپوزل اسڪاٽ کي پڻ طلب ڪيو ويو آهي، جيڪي ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار هوندا، جڏهن ته وڏي انگ ۾ ٽرئفڪ پوليس اهلڪارن ۽ عملدارن کي پڻ ٽرئفڪ جي بهتري لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪي پڻ پنهنجيون ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا.











