ٽنڊو محمد خان ۾ صدر آصف علي زرداري جو ويجهو ساٿي ۽ اڳوڻو صوبائي وزير ڊگهو عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو

ٽنڊو محمد خان-25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جو ويجهو ساٿي ۽ اڳوڻو صوبائي وزير سيد قبول محمد شاهه ڊگهو عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم جي تدفين سندس اباڻي علائقي سعيد پورٽڪر ۾ گذريل ڏينهن ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ پيپلزپارٽي، تحريڪ انصاف، فنڪشنل ليگ سميت ٻين سياسي ۽ سماجي ۽ مذهبي پارٽين جي اڳواڻن، ڊاڪٽرن، وڪيلن، صحافين سميت ٻين شرڪت ڪئي. ياد رهي …

ٽنڊو محمد خان-25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جو ويجهو ساٿي ۽ اڳوڻو صوبائي وزير سيد قبول محمد شاهه ڊگهو عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم جي تدفين سندس اباڻي علائقي سعيد پورٽڪر ۾ گذريل ڏينهن ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ پيپلزپارٽي، تحريڪ انصاف، فنڪشنل ليگ سميت ٻين سياسي ۽ سماجي ۽ مذهبي پارٽين جي اڳواڻن، ڊاڪٽرن، وڪيلن، صحافين سميت ٻين شرڪت ڪئي. ياد رهي ته اڳوڻو صوبائي وزير سيد قبول محمد شاهه صدر آصف علي زرداري جو ويجهو دوست هو، هو 1988ع جي چونڊن ۾ پهريون ڀيرو ايم پي اي چونڊيو ، 1990ع ۾ پيپلزپارٽي کي الوداع ڪري ڄام صادق علي جي ڪابينا جو حصو بڻيو، 1993ع جي عام چونڊن ۾ سيد قبول محمد شاهه پيپلزپارٽي جي هڪ ورڪر هٿان شڪست کانپوءِ عملي طور تي سياست تان رٽائرڊ ٿي ويو هو.

مزید خبریں