ڪراچي-25 ڊسمبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خميس ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪرسمس جي تقريب جو اهتمام ڪري مسيحي برادري سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. تقريب منعقد ڪرڻ جو مقصد امن، هم آهنگي ۽ بين المذهبي اتحاد جو پيغام ڏيڻ هو. ان موقعي تي وڏي وزير مسيحي اڳواڻن سان گڏ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽيو ۽ مسيحي برادري کي دل جي گهراين سان ڪرسمس جون مبارڪون ڏنيون. هن مهمانن سان گڏ …
وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪرسمس جي تقريب جو اهتمام، مسيحي برادري سان يڪجهتي جو اظهار، ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽي پاڪستان جي امن، خوشحالي ۽ ترقي لاءِ خاص دعائون ڪيون ويون

مزید خبریں
ڪراچي-25 ڊسمبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خميس ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪرسمس جي تقريب جو اهتمام ڪري مسيحي برادري سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. تقريب منعقد ڪرڻ جو مقصد امن، هم آهنگي ۽ بين المذهبي اتحاد جو پيغام ڏيڻ هو. ان موقعي تي وڏي وزير مسيحي اڳواڻن سان گڏ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽيو ۽ مسيحي برادري کي دل جي گهراين سان ڪرسمس جون مبارڪون ڏنيون. هن مهمانن سان گڏ گروپ فوٽو پڻ ڪڍرايو. ڪيڪ ڪاٽڻ جي تقريب کان پوءِ پاڪستان جي امن، خوشحالي ۽ ترقي لاءِ خاص دعائون ڪيون ويون. وڏي وزير جي ترجمان موجب تقريب کي خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪرسمس مسيحي برادري جي اهم ترين تهوارن مان هڪ آهي جيڪو سڄي دنيا ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو وڃي ٿو. هن چيو ته حضرت عيسيٰ عليه السلام جي تعليمات امن، محبت، برداشت ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل آهي جن جي اڄ جي دور ۾ سخت ضرورت آهي. وڏي وزير پاڪستان جي ترقي ۾ مسيحي برادري جي اهم ڪردار کي ساراهيندي خاص طور مشنري اسڪولن جي خدمتن جو ذڪر ڪيو جن ملڪ ۾ تعليم کي هٿي ڏيڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ان ڳالهه جو به ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي سمورا بنيادي حق حاصل آهن ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه بغير ڪنهن فرق جي سڀني شهرين جي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو آهي. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ جي سرزمين تي سڀني مذهبن جي پوئلڳن جي احترام ۽ تحفظ جي هڪ ڊگهي روايت موجود آهي. هن چيو ته اڄ دنيا کي امن جي ضرورت آهي، اچو ته سڀ گڏجي هن دنيا کي امن جو گهوارو بڻائڻ لاءِ هٿ ۾ هٿ وجهي هلون ۽ هن ڪائنات کي وڌيڪ خوبصورت بڻائڻ جو عزم ڪريون. ڪراچي جي اڳوڻي آرچ بشپ، ڪارڊينل جوزف ڪوٽس، وڏي وزير ۽ صوبائي حڪومت جو شڪريو ادا ڪيو ته هنن وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪرسمس جي تقريب منعقد ڪئي ۽ مسيحي برادري سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. تقريب ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سيد ناصر حسين شاهه، مڪيش ڪمار چاولا، علي حسن زرداري، ڄام خان شورو، قاسم نويد قمر، شام سندر آڏواڻي، راجوير سنگهه، ويرجي ڪوھلي، ڊپٽي اسپيڪر نويد انٿوني، سنڌ اسيمبلي جا ميمبر، اڳوڻا صوبائي اسيمبلي جا ميمبر ۽ وڏي انگ ۾ مسيحي مذهبي اڳواڻ، بشپ، پادري، چرچ جا نمائندا ۽ ٻيا معزز مهمان شريڪ ٿيا.










