ڪراچي-24 ڊسمبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ايشيائي ترقياتي بينڪ جا پنج فعال منصوبا جاري آهن، جن جي مجموعي سيڙپڪاري هڪ ارب 319 ملين آمريڪي ڊالرز آهي. اهڙو اظهار هن ڊسمبر 2025ع تائين سنڌ ۾ ايشيائي ترقياتي بينڪ (اي ڊي بي) جي پورٽ فوليو جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وڏي وزير جاري ترقياتي …
سنڌ ۾ ايشيائي ترقياتي بينڪ جا پنج فعال جاري منصوبن جي مجموعي سيڙپڪاري هڪ ارب 319 ملين آمريڪي ڊالرز آهي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

مزید خبریں
ڪراچي-24 ڊسمبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ايشيائي ترقياتي بينڪ جا پنج فعال منصوبا جاري آهن، جن جي مجموعي سيڙپڪاري هڪ ارب 319 ملين آمريڪي ڊالرز آهي. اهڙو اظهار هن ڊسمبر 2025ع تائين سنڌ ۾ ايشيائي ترقياتي بينڪ (اي ڊي بي) جي پورٽ فوليو جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وڏي وزير جاري ترقياتي سهڪار جي مجموعي ڳاڻيٽي تي اطمينان جو اظهار ڪيو جڏهن ته منصوبن تي تيز رفتاري سان عملدرآمد ۽ فنڊن جي بهتر ۽ وقت سر جاري ڪرڻ تي زور ڀريو. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته هن وقت سنڌ ۾ ايشيائي ترقياتي بينڪ جا پنج فعال منصوبا جاري آهن جن جي مجموعي سيڙپڪاري هڪ ارب 319 ملين آمريڪي ڊالرز آهي. اهي منصوبا ٽرانسپورٽ، تعليم، صحت، سماجي ترقي، مالي شعبي ۾ سڌارا، پاڻي ۽ شهري ترقي جهڙن اهم شعبن تي ٻڌل آهن. مجموعي پورٽ فوليو ۾ هاڻي تائين 67 سيڪڙو ٺيڪا ڏنا ويا آهن جڏهن ته 38 سيڪڙو مجموعي رقم جاري ٿي چڪي آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ايشيائي ترقياتي بينڪ سنڌ جي اهم ترين ترقياتي ڀائيوارن مان هڪ آهي. وڏي وزير ٽرانسپورٽ شعبي جي وڏن منصوبن جن ۾ ڪراچي بس ريپڊ ٽرانزٽ (بي آر ٽي) ريڊ لائين منصوبو ۽ سنڌ لاءِ هنگامي ٻوڏ امدادي منصوبو شامل آهن، تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ نجم شاهه ٻڌايو ته ٻوڏ امدادي منصوبي تحت ٺيڪن جي منظوري 90 سيڪڙو کان وڌي چڪي آهي، پر امدادي ۽ بحالي سرگرمين کي بنا دير جاري رکڻ لاءِ فنڊز وڌيڪ تيزي سان جاري ڪرڻ جي ضرورت آهي. بي آر ٽي ريڊ لائين بابت وڏي وزير عملدرآمد دوران پيش ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته ريڊ لائين جهڙا ماس ٽرانزٽ منصوبا ڪراچي جي مستقبل لاءِ اڻٽر آهن ۽ ڪنهن به دير جو سڌو اثر لکين مسافرن تي پوي ٿو تنهن ڪري سڀني عملدرآمد ڪندڙ ادارن کي گڏيل سهڪار سان نظرثاني ڪيل ٽائيم لائينز تي عمل ڪرڻو پوندو. تعليم واري صوبائي وزيرِ سردار شاهه تعليم ۽ سماجي ترقي جي شعبي ۾ اڳڀرائي بابت وڏي وزير کي بريفنگ ڏني، خاص طور تي سنڌ سيڪنڊري ايجوڪيشن امپروومينٽ پروجيڪٽ ۽ ان جي اضافي مالي مدد بابت، جيڪي سرڪاري تعليمي نظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اهم سيڙپڪاري آهن. وڏي وزير چيو ته انساني ترقي جي منصوبن تي لڳاتار ڌيان ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته تعليم ۽ مهارتن جي ترقي ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري آهي جيڪا ايندڙ ڏهاڪن تائين سنڌ جي سماجي ۽ معاشي سفر جو رخ طئي ڪندي. اجلاس ۾ پاڻي ۽ شهري ترقي جي شعبي تحت جاري سنڌ هنگامي هائوسنگ بحالي منصوبي جو به جائزو ورتو ويو، جنهن لاءِ 400 ملين آمريڪي ڊالرز رکيا ويا آهن. وڏي وزير زور ڀريو ته ٻوڏ کان متاثر آبادي لاءِ رهائشي بحالي عوامي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ڪئي وڃي. هن چيو ته گهرن جي تعمير رڳو انفراسٽرڪچر جو معاملو ناهي، پر هزارين خاندانن جي وقار، تحفظ ۽ اميد جي بحالي سان جڙيل آهي. وڏي وزير ان موقعي تي پلاننگ واري صوبائي وزيرِ ڄام خان شورو کي هدايت ڪئي ته هو 2025 کان 2028 تائين مستقبل جي منصوبن جو خاڪو ايشيائي ترقياتي بينڪ کي پيش ڪري جنهن ۾ سامونڊي پٽي جي تحفظ، پائيدار ٽرانسپورٽ، گرين موبلٽي، پاڻي ۽ صفائي، هائوسنگ، زراعت ۽ عوامي- نجي ڀائيواري تحت ترقياتي منصوبا شامل هجن. تجويز ڪيل منصوبا بندي ڪيترن ئي اربين ڊالرن تي ٻڌل آهي جيڪا سنڌ جي ترقياتي ترجيحن ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي ملڪي حڪمت عملي وچ ۾ مضبوط هم آهنگي کي ظاهر ڪري ٿي. اجلاس جي پڄاڻي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته منصوبن تي عملدرآمد جي سخت نگراني ڪئي وڃي، طريقيڪار سان لاڳاپيل دير ختم ڪئي وڃي ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ سان رابطي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي. هن چيو ته سيڙپڪاري ڪيل هر ڊالر سنڌ جي عوام لاءِ ٺوس فائدن ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي، ۽ اهوئي ڪاميابي جو اصل معيار آهي. اجلاس ۾ صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، سيد سردار شاهه، ڄام خان شورو، ذوالفقار شاهه، وڏي وزير جو صحت بابت خاص مددگار سليم بلوچ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ نجم شاهه ۽ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو خالد حيدر شاهه شرڪت ڪئي.










