سائبر ڪرائم جديد دور جو هڪ وڏو خطرو آهي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

ڪراچي-24 ڊسمبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سائبر ڪرائم خلاف عالمي ڏينهن جي حوالي سان پنھنجي پيغام ۾ چيو آهي ته سائبر ڪرائم جديد دور جو هڪ وڏو خطرو آهي، نوجوانن کي سائبر سيڪيورٽي ۽ ڊجيٽل ذميواري کان آگاهه ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت عوام جي حفاظت لاءِ قدم کڻي رهي آهي.هن چيو ته آن لائن فراڊ ۽ هيڪنگ کي …

ڪراچي-24 ڊسمبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سائبر ڪرائم خلاف عالمي ڏينهن جي حوالي سان پنھنجي پيغام ۾ چيو آهي ته سائبر ڪرائم جديد دور جو هڪ وڏو خطرو آهي، نوجوانن کي سائبر سيڪيورٽي ۽ ڊجيٽل ذميواري کان آگاهه ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت عوام جي حفاظت لاءِ قدم کڻي رهي آهي.هن چيو ته آن لائن فراڊ ۽ هيڪنگ کي روڪڻ لاءِ آگاهي سڀ کان وڌيڪ اثرائتو هٿيار آهي، هن چيو ته نوجوانن کي سائبر سيڪيورٽي ۽ ڊجيٽل ذميواري کان آگاهه ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي،اسان جي حڪومت سائبر ڪرائم کي روڪڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيت وڌائي رهي آهي،عوام کي آن لائن فراڊ، جعلي سيڙپڪاري ۽ ڊجيٽل اسڪيمن کان محتاط رهڻ گهرجي،عورتن ۽ ٻارن کي آن لائن هراساني کان بچائڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته ڊجيٽل ترقي سان گڏ، سائبر سيڪيورٽي کي به يقيني بڻائڻ گهرجي. سائبر ڪرائم خلاف عالمي ڏينهن تي سنڌ جي وڏي وزير عوام کي آن لائن فراڊ خلاف هوشيار رهڻ جي اپيل ڪئي.

مزید خبریں