پاڪستان مسلم ليگ (ن) حيدرآباد ڊويزن جي اڳواڻ پاران مسلم سوسائٽي ۾ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي سالگره تقريب منعقد

حيدرآباد-24 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) حيدرآباد ڊويزن جي اڳواڻ نثار احمد بلوچ پاران مسلم سوسائٽي ۾ مسلم ليگ ن جي قائد ۽ اڳوڻي وزير اعظم پاڪستان محمد نواز شريف جي سالگره تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾(ن) ليگ جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سميت مذهبي هم آهنگي واري مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پوري پاڪستان ۾ …

حيدرآباد-24 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) حيدرآباد ڊويزن جي اڳواڻ نثار احمد بلوچ پاران مسلم سوسائٽي ۾ مسلم ليگ ن جي قائد ۽ اڳوڻي وزير اعظم پاڪستان محمد نواز شريف جي سالگره تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾(ن) ليگ جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سميت مذهبي هم آهنگي واري مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پوري پاڪستان ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جي سالگره سان گڏ ن ليگ جي قائد محمد نواز شريف جي سالگره جون خوشيون ملهايون پيون وڃن. هن چيو ته اسان جي لاءِ خوشي ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته اسان جي قائد محمد نواز شريف جي به اڄ سالگره آهي جڏهن ته مسيحي برادري به پنهنجي مذهبي ڏڻ ڪرسمس جون خوشيون جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهيا آهن. هن چيو ته مسيحي برادري اڪيلي ناهي وزير اعظم شهباز شريف پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مسيحي برادري کي وزير اعظم هائوس ۾ دعوت ڏئي گهرايو ۽ انهن سان گڏ ڪرسمس جون خوشيون ملهايون. ان کان اڳ وزير اعظم محمد شهباز شريف ڏياري به ملهائي هئي. هن چيو ته قائد اعظم محمد علي جناح قيام پاڪستان کان 3 ڏينهن اڳ چيو هو ته سمورن مذهبن جا ماڻهو آزاد آهن. پنهنجي مذهبي ريتن رسمن کي ادا ڪرڻ جي لاءِ هن چيو ته هندو پاڪستان جا سن آف سوائل آهن جهڙي ريت مسلمانن هن ملڪ جي قيام لاءِ قربانيون ڏنيون اهڙي ريت اسان جي وڏن به فيصلو ڪيو ته پاڪستان جي قيام لاءِ پنهنجيون خدمتون ۽ قربانيون پيش ڪرڻيون آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ سمورين قومن ۽ مذهبن سان لاڳاپيل ماڻهن پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته هي بدلجندڙ پاڪستان آهي هڪ طرف پاڙيسري ملڪ جو دهشتگرد وزير اعظم مودي آهي جنهن کي مان هن دور جو رانوڻ سڏيان ٿو جيڪو اتان جي مسلمانن ، مسيحن ۽ سکن سان نفرت جو رويو رکي ٿو ۽ اسلام دشمني ۾ تمام گهڻو اڳتي نڪري چڪو آهي. ٻئي طرف پاڪستان جو وزير اعظم محمد شهباز شريف آهي جيڪو پاڪستان جي اقليتن سکن، هندن ۽ عيسائين کي وزير اعظم هائوس ۾ گهرائي چوي ٿو ته رياست توهان سان گڏ بيٺي آهي ۽ توهان جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو . ان موقعي تي محمد نواز شريف جي سالگره جو ڪيڪ به ڪاٽيو ويو.