سنڌ حڪومت انٽر ٽيڪ هولڊنگ ڪمپني جي سهڪار سان وڏا سنگِ ميل عبور ڪيا آهن: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

ڪراچي- 23 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت اسٽريٽجڪ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي انفرااسٽرڪچر، توانائي، جدت ۽ ماحولياتي پائيداري جي شعبن ۾ نوان معيار قائم ڪري رهي آهي. انٽر ٽيڪ هولڊنگ ڪمپني جي سهڪار سان ٽي وڏا سنگِ ميل عبور ڪيا آهن.وڏي وزير جي ترجمان موجب وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيل تقريب ۾ نبيسر واجيهر واٽر سپلاءِ منصوبي جي …

ڪراچي- 23 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت اسٽريٽجڪ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي انفرااسٽرڪچر، توانائي، جدت ۽ ماحولياتي پائيداري جي شعبن ۾ نوان معيار قائم ڪري رهي آهي. انٽر ٽيڪ هولڊنگ ڪمپني جي سهڪار سان ٽي وڏا سنگِ ميل عبور ڪيا آهن.وڏي وزير جي ترجمان موجب وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيل تقريب ۾ نبيسر واجيهر واٽر سپلاءِ منصوبي جي ڪمرشل آپريشن جي تڪميل، اين اي ڊي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ لاءِ ڪنسيشن معاهدي تي عملدرآمد ۽ ٽي پي فور ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ منصوبي لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحيون ڪيون ويون. مجموعي طور اهي منصوبا 740 ملين آمريڪي ڊالرن کان وڌيڪ سيڙپڪاري جي نمائندگي ڪن ٿا.تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ فريم ورڪ تحت کنيل سندس قدم انفرا اسٽرڪچر جي ترقي، توانائي جي تحفظ، جدت، ماحولياتي پائيداري ۽ اثرائتي عوامي ۽ نجي سهڪار لاءِ سنڌ جي پختي عزم جي عڪاسي ڪن ٿا. وڏي وزير نبيسر واجيهر واٽر سپلاءِ منصوبي کي هڪ تاريخي ڪاميابي ۽ سنڌ جي تاريخ جي سڀ کان وڏين ۽ پيچيده پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن مان هڪ قرار ڏيندي چيو ته هي منصوبو ٿر ڪول پاور پلانٽ کي پاڻي جي قابلِ اعتماد ۽ پائيدار فراهمي يقيني بڻائيندو. هن چيو ته هي منصوبو ٿر ڪول پاور منصوبن کي پاڻي جي مستقل ۽ پائيدار فراهمي کي يقيني بڻائي ٿو، جنهن سان 1650 ميگاواٽ بجلي جي پيداوار سڌي طرح ممڪن ٿيندي ۽ قومي سطح تي بجلي جي لاڳت ۾ گهٽتائي ايندي. 215 ملين آمريڪي ڊالرن جو هي منصوبو ٿر بلاڪ ون جي پاور پلانٽن کي 45 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪندو. حڪومت کان حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ انتظام هيٺ تيار ڪيل هن منصوبي ۾ سنڌ حڪومت ۽ ڪويت حڪومت جي ويجهي سهڪار سبب نمايان غير ملڪي سيڙپڪاري حاصل ٿي آهي. وڏي وزير چيو ته ٿر ۾ دنيا جا ڇهين نمبر تي وڏا ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن جيڪي ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين استعمال ۾ نه آڻي سگهيا. هن چيو ته ٿرپارڪر هاڻي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. اڄ دنيا جي سستي ترين بجلي ٿر جي ڪوئلي مان پيدا ٿي رهي آهي. هن ياد ڏياريو ته ٿر ڪول منصوبن لاءِ پاڻي جي دستيابي هڪ وڏو چيلينج رهيو آهي. هن نبيسر واجيهر منصوبي جو حوالو ڏيندي چيو ته اسان ڄاڻي واڻي درياهه جي پاڻي کي استعمال نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ڇوته اهو اڳ ئي محدود آهي ان بدران اسان هڪ متبادل حل تيار ڪيو. مهانگائي، عالمي سطح تي جنسن جي قيمتن ۾ لاٿ، واڌ ۽ وڏي وياج جي شرح جهڙن عالمي معاشي دٻائن باوجود منصوبي ڪاميابي سان ڪمرشل آپريشنز تاريخ حاصل ڪري ورتي. وڏي وزير چيو ته اهو سڀني لاڳاپيل ڌرين جي ثابت قدمي، پروفيشنل مهارت ۽ عزم جو واضح ثبوت آهي. وڏي وزير سنڌ انرٽيڪ واٽر پرائيويٽ لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عبدالله المطيري کي منصوبو مقرر مدي اندر مڪمل ڪرڻ ۽ 7 ارب رپين کان وڌيڪ لاڳت جي بچت حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ فريم ورڪ هڪ ڀيرو ٻيهر اهم عوامي انفرااسٽرڪچر لاءِ نجي سيڙپڪاري متحرڪ ڪرڻ جي پنهنجي صلاحيت ثابت ڪئي آهي. اين اي ڊي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ بابت وڏي وزير چيو ته اين اي ڊي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ لاءِ ڪنسيشن معاهدي تي عملدرآمد هڪ ٻيو تاريخي سنگِ ميل آهي ڇو ته اهو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت پاڪستان جو پهريون اهڙو سائنس ۽ ٽيڪنالاجي پارڪ هوندو، جيڪو ڪنهن يونيورسٽي هيٺ هلندو. 125 ملين آمريڪي ڊالرن جي امڪاني لاڳت سان تيار ٿيندڙ هن منصوبي جو مقصد تجارتي تحقيق، ٽيڪنالاجي منتقلي، اسٽارٽ اپ انڪيوبيشن ۽ صنعت ۽ تعليمي ادارن وچ ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ آهي. وڏي وزير چيو ته اين اي ڊي يونيورسٽي سان لاڳاپيل هي منصوبو سنڌ کي ناليج بيسڊ معيشت جي مرڪز طور متعارف ڪرائيندو ۽ اعليٰ روزگار جا موقعا پيدا ڪندو. سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته ڪويت حڪومت جي ذيلي اداري انرٽيڪ جي سهڪار سان شروع ڪيل هن منصوبي کي ماضي ۾ ضابطي وارين رڪاوٽن سميت ڪيترين ئي ڏکائين کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته هي منصوبي جو ڪيترائي ڀيرا افتتاح ڪيو ويو پر هاڻي اهو حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. اڄ اسان ڪنسيشن معاهدي تي عملدرآمد ڪري رهيا آهيون ۽ انرٽيڪ تي زور ڀريو آهي ته منصوبو تيز ترين رفتار سان مڪمل ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته منصوبو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ٽيڪنالاجي پارڪ ۾ سِلِيڪان ويلي جهڙيون سهولتون موجود هونديون. هن ٻڌايو ته ٽيڪنالاجي پارڪ قائم ٿيڻ کانپوءِ اسان جي نوجوان انجنيئرن کي موقعن لاءِ ٻاهرين ملڪن وڃڻ جي ضرورت نه رهندي. هن چيو ته رسمي افتتاح کان فوراً پوءِ عملي ڪم شروع ڪيو ويندو. ماحولياتي پائيداري جي اهميت تي ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته 400 ملين آمريڪي ڊالرن کان وڌيڪ لاڳت وارو ٽي پي فور ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ منصوبو ڪراچي ۾ ويسٽ واٽر مينيجمينٽ جي هڪ ڊگهي عرصي واري کوٽ کي پورو ڪندو. هن چيو ته هي منصوبو ماحولياتي گهرجن موجب ويسٽ واٽر جي صفائي کي يقيني بڻائيندو ۽ ڪراچي جي صنعتن کي صنعتي معيار جو پاڻي فراهم ڪندو جيڪو هينئر تائين صوبائي ۽ وفاقي سطح تي حاصل نه ٿي سگهيو آهي. وڏي وزير ٻڌايو ته ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۽ انرٽيڪ جي سهڪار سان تيار ٿيندڙ هي منصوبو شهر ۾ پنهنجي نوعيت جو سڀ کان وڏو منصوبو هوندو ۽ ويسٽ واٽر مينيجمينٽ ۾ نمايان بهتري سان گڏ صنعتي ترقي کي سهارو ڏيندو. سيد مراد علي شاهه چيو ته ڄاڻايل سنگِ ميل سنڌ جي وسيع تر پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پورٽ فوليو جو حصو آهن جنهن ۾ حيدرآباد–ميرپورخاص ڊيوئل ڪيريج وي، ڪراچي–ٺٽو ڊيوئل ڪيريج وي ۽ شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي جهڙا اهم روڊ ۽ انفرااسٽرڪچر منصوبا، ان سان گڏ عوامي ٽرانسپورٽ، پاڻي، تعليم، صحت ۽ شهري انفرااسٽرڪچر جا وڏا قدم شامل آهن. وڏي وزير ٻڌايو ته حيدرآباد ميرپورخاص ڊيوئل ڪيريج وي ۽ سر آغا خان جھرڪ ملا ڪاتيار پل جهڙن منصوبن پنهنجا ڪمرشل قرض مڪمل طور ادا ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته ڪراچي ٺٽو ڊيوئل ڪيريج وي به هلندڙ سال قرض جي ادائيگي مڪمل ڪري چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته درياهه سنڌ تي 12 ڪلوميٽر ڊگهو ڪشمور ڪنڌڪوٽ پل تڪميل ويجهو آهي ۽ ان مان پوري ملڪ کي فائدو پهچندو. وڏي وزير موجب ايم نائن کان اين فائيو لنڪ روڊ جي تڪميل سان علائقائي رابطن ۾ بهتري آئي آهي جڏهن ته شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي مارچ 2026 تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي. هن چيو ته مون کي هن دير تي اطمينان ناهي، پر منصوبو مڪمل ٿيڻ بعد ڪراچي ۾ ٽريفڪ جو دٻاءُ نمايان گهٽجي ويندو. هن ٻڌايو ته پورٽ کان قيوم آباد ايليويٽيڊ ڪوريڊور منصوبو به جلد شروع ڪيو ويندو جنهن کي هڪ سال اندر مڪمل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. هن منصوبي سان بندرگاهه جي ٽريفڪ جو سفر هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت بدران گهٽجي تقريباً 25 منٽن تائين رهجي ويندو، بندرگاهه سان لاڳاپيل ٽريفڪ جي 24 ڪلاڪ آمدرفت ممڪن ٿيندي ۽ آپريشنل صلاحيت ٻيڻي ٿي ويندي. وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاه صوبي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ڪامياب رڪارڊ جو ڪريڊٽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت کي ڏنو .هن چيو ته سنڌ جو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ يونٽ عالمي سطح تي ساراهه حاصل ڪري چڪو آهي ۽ عالمي درجابندي ۾ ڇهين نمبر تي آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت به سنڌ جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل کي ساراهيو آهي. صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي تي ٿيندڙ تنقيد جو جواب ڏيندي وڏي وزير چيو ته ڪجهه ماڻهو اڃا تائين سنڌ حڪومت جي صلاحيتن تي شڪ ڪن ٿا پر سنڌ جي عوام ھر ڀيري پاڪستان پيپلز پارٽي کي وڌندڙ مينڊيٽ سان چونڊي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته جڏهن به اسان ڊيليور ڪيو آهي، اسان ماڻهن کي حيران ڪيو آهي. شهري مسئلن جو حوالو ڏيندي خاص طور ڪراچي بابت وڏي وزير تسليم ڪيو ته تيز ۽ غير رٿابند آبادي ۾ واڌ سبب سنگين مسئلا پيدا ٿيا آهن. هن چيو ته اهي مسئلا سندس پيدا ڪيل ناهن پر هو انهن جي حل جي ذميواري کڻي ٿو ۽ ان لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي. وڏي وزير اعلان ڪيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جلد ڪورنگي ۾ انڊس اسپتال نيٽ ورڪ جي هڪ سهولت جو افتتاح ڪندو جڏهن ته هن ٻڌايو ته ڪورنگي ڪاز وي تي تاج حيدر جي نالي سان هڪ نئين پل تعمير ڪئي وئي آهي ته جيئن برساتن دوران آمدرفت ۾ خلل نه پوي. حڪومت جي عزم کي ورجائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت شفاف ۽ سيڙپڪار دوست انداز ۾ پنهنجي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پورٽ فوليو کي وڌيڪ وڌائيندي رهندي. هن چيو ته عوام ۽ ادارن جي مسلسل سهڪار سان سنڌ جديد، مضبوط ۽ جامع انفرااسٽرڪچر جي ترقي ۾ صفِ اول ۾ رهندو. وڏي وزير جي خاص مددگار سيد قاسم نويد اڄ شروع ڪيل ۽ صحيحيون ڪيل منصوبن بابت شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني. هن وڏي وزير جي حمايت ۽ پارٽي قيادت جي رهنمائي تي ٿورا مڃيندي چيو ته انهن عيوض ئي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ يونٽ ملڪ جي نمايان ادارن ۾ شامل ٿيو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي انرٽيڪ هولڊنگ ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو عبدالله المطيري سنڌ حڪومت جي مضبوط اداراجاتي سهڪار جي واکاڻ ڪندي چيو ته نبيسر واجيهر واٽر سپلائي منصوبو صوبائي حڪومت جي مڪمل تعاون سبب وقت سر مڪمل ٿيو. هن چيو ته نبيسر واجيهر منصوبي جي وقت تي تڪميل سنڌ حڪومت جي غير متزلزل حمايت کان سواءِ ممڪن نه هئي. هن سنڌ جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ يونٽ کي بهترين اداراجاتي فريم ورڪ قرار ڏيندي چيو ته هي يونٽ وڏن ۽ پيچيده انفرااسٽرڪچر منصوبن جي تڪميل ذريعي صوبي جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. عبدالله المطيري چيو ته ٿر ڪول منصوبن کي پاڻي جي فراهمي سان نه رڳو بجلي جي پيداوار ۾ نمايان مدد ملندي پر خطي ۾ توانائي ۽ ان سان لاڳاپيل انفرااسٽرڪچر جي مجموعي ترقي کي به هٿي ملندي. هن چيو ته ٿر ڪول منصوبن کي پاڻي جي فراهمي بجلي جي پيداوار ۽ مستقبل جي صنعتي ترقي لاءِ هڪ گيم چينجر ثابت ٿيندي. صوبائي قيادت کي خراجِ تحسين پيش ڪندي انرٽيڪ جي سربراهه وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاه کي هڪ دور انديش اڳواڻ قرار ڏنو، جنهن جي قيادت هيٺ ڪيترائي اهم منصوبا شروع ڪيا ويا ۽ ڪاميابي سان اڳتي وڌايا ويا. هن چيو ته سندس قيادت بلند ترقياتي منصوبن کي عملي شڪل ڏيڻ ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن صوبي ۽ ملڪ جي مفاد ۾ پائيدار ۽ اعليٰ اثر رکندڙ انفرااسٽرڪچر منصوبن جي تڪميل لاءِ سنڌ حڪومت سان ڀائيواري جاري رکڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو.تقريب ۾ صوبائي وزيرن، سيڙپڪاري لاءِ وڏي وزير جو خاص مددگار سيد قاسم نويد قمر، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ڪويت جي انر ٽيڪ هولڊنگ ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عبدالله المطيري، سفارتڪارن ۽ ٻين معزز شخصيتن شرڪت ڪئي.