لاڙڪاڻو جي لهر ڪالوني ۾ هفتو اڳ ٿيل سلينڊر ڌماڪي جي وڌيڪ زخمي عورت فوت، فوتين جو انگ 5 ٿي ويو

لاڙڪاڻو- 23 ڊسمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻي شهر جي لهر ڪالوني ۾ هفتو اڳ مبينا گئس سلينڊر جي ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل عورت ڪومل پٺاڻ ڪراچي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي آهي، جنهن کان پوءِ واقعي ۾ فوت ٿي ويل جو انگ 5 ٿي ويو آهي. جڏهن ته فوتي عورت جو لاش ڪراچي کان ايمبولينس ذريعي لاڙڪاڻي آندو ويو، جتي عورت جو لاش پهچڻ …

لاڙڪاڻو- 23 ڊسمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻي شهر جي لهر ڪالوني ۾ هفتو اڳ مبينا گئس سلينڊر جي ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل عورت ڪومل پٺاڻ ڪراچي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي آهي، جنهن کان پوءِ واقعي ۾ فوت ٿي ويل جو انگ 5 ٿي ويو آهي. جڏهن ته فوتي عورت جو لاش ڪراچي کان ايمبولينس ذريعي لاڙڪاڻي آندو ويو، جتي عورت جو لاش پهچڻ تي سندس گهر ۾ قهرام مچي ويو. واضع رهي ته هفتو اڳ لاڙڪاڻي شهر جي لهر ڪالوني ۾ مبينا طور گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب 3 گهر مڪمل طور تي ڊهي پٽ ٿي ويا هئا، اهڙي واقعي ۾ 19 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا، جن مان 3 عورتن سميت ٻه ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ٻين زخمي جو علاج هلندڙ آهي.