حيدرآباد 20 ڊسمبر (اي پي پي) حيدر آباد ۾ قاسم چوڪ وٽ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ شخص زخمي ٿي پيو. تفصيل موجب حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن تيز رفتار ڪار ايڪسل ٽٽي پوڻ سبب ڊرائيور جي ضابطي مان نڪري ڪلٽي کائيندي روڊ جي ٻئي پاسي هلي وئي، حادثي سبب گاڏي جو مالڪ سلمان زخمي ٿي پيو. اطلاع ملڻ تي ريسڪيو 1122 جي ٽيم حادثي واري هنڌ تي پهچي، ڪار کي پاسي تي ڪري روڊ تي ٽريفڪ کي بحال …
حيدرآباد ۾ قاسم چوڪ وٽ روڊ حاثو، هڪ شخص زخمي

مزید خبریں
حيدرآباد 20 ڊسمبر (اي پي پي) حيدر آباد ۾ قاسم چوڪ وٽ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ شخص زخمي ٿي پيو. تفصيل موجب حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن تيز رفتار ڪار ايڪسل ٽٽي پوڻ سبب ڊرائيور جي ضابطي مان نڪري ڪلٽي کائيندي روڊ جي ٻئي پاسي هلي وئي، حادثي سبب گاڏي جو مالڪ سلمان زخمي ٿي پيو. اطلاع ملڻ تي ريسڪيو 1122 جي ٽيم حادثي واري هنڌ تي پهچي، ڪار کي پاسي تي ڪري روڊ تي ٽريفڪ کي بحال ڪرايو، جڏهن ته حادثي سبب وڌيڪ ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع نه مليا آهن.










