ڪراچي-19 ڊسمبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي جي وڏين صنعتي ايسوسيئيشنن جي نمائندن سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪراچي جي صنعتي علائقن ۾ روڊن ۽ لاڳاپيل انفراسٽرڪچر جي تڪڙن بنيادن تي مرمت ۽ بحالي لاءِ 9 ارب 28 ڪروڙ 20 لک رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وڏي وزير هدايت ڏني ته سومر کان ترقياتي ڪم شروع ڪيا وڃن ۽ …
سنڌ جي وڏي وزير پاران ڪراچيءَ جي صنعتي علائقن ۾ ترقياتي رٿائن لاءِ رقم مختص

مزید خبریں
ڪراچي-19 ڊسمبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي جي وڏين صنعتي ايسوسيئيشنن جي نمائندن سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪراچي جي صنعتي علائقن ۾ روڊن ۽ لاڳاپيل انفراسٽرڪچر جي تڪڙن بنيادن تي مرمت ۽ بحالي لاءِ 9 ارب 28 ڪروڙ 20 لک رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وڏي وزير هدايت ڏني ته سومر کان ترقياتي ڪم شروع ڪيا وڃن ۽ ڇهن مهينن اندر مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن ان کان پوءِ صنعتي علائقن لاءِ اهڙو ئي ٻيو ترقياتي پيڪيج پڻ ڏنو وڃي. چيف منسٽر هائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب اجلاس ۾ ڪاٽي، سائيٽ، بي ڪيو اي ٽي آءِ ۽ لاٽي/لائيٽ سميت صنعتي تنظيمون شريڪ ٿيون جتي ڪراچي جي سمورن صنعتي زونن ۾ بنيادي انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ بحالي بابت اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ مستقبل لاءِ روڊ ميپ کي حتمي شڪل ڏني وئي. اجلاس اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزير صنعت جام اڪرام ڌاريجو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ايڊيشنل سيڪريٽريز انڊسٽريز طارق قريشي ۽ زبير موتيوالا سميت مختلف صنعتي ايسوسيئيشنن جا صدر ۽ نمائندا موجود هئا. اجلاس کي پهرين مرحلي جي تجويز بابت بريفنگ ڏني وئي جنهن تحت 9 ارب 28 ڪروڙ 20 لک رپيا ڪراچي جي صنعتي علائقن ۾ روڊن ۽ لاڳاپيل انفراسٽرڪچر جي هنگامي مرمت ۽ بحالي لاءِ رکيا ويا آهن. وڏي وزير جي هدايتن مطابق ڪمشنر ڪراچي جي اڳواڻي ۾ مشاورت کان پوءِ هن منصوبي کي نئين سر ترتيب ڏنو ويو ته جيئن هر صنعتي زون کي ضرورت جي بنياد تي منصفاڻا فنڊ ڏنا وڃن. ان کان پوءِ وڏي وزير مختلف صنعتي علائقن لاءِ فنڊن جي منظوري ڏني جنهن ۾ سائيٽ ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري لاءِ 2 ارب رپيا، سائيٽ سپر هاءِ وي فيز ون ۽ ٽو لاءِ 70 ڪروڙ رپيا، نارٿ ڪراچي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري لاءِ 72 ڪروڙ 17 لک 40 هزار رپيا، ايف بي ايريا ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري لاءِ 86 ڪروڙ 5 لک 50 هزار رپيا، لانڍي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري لاءِ 2 ارب رپيا، ڪورنگي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري (بشمول پاڪستان ٽينرز ايسوسيئيشن) لاءِ 2 ارب رپيا ۽ بن قاسم ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري لاءِ ھڪ ارب رپيو شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هي اسڪيم ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي پاران اوڳاڙيل انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس مان مالي مدد سان هلائي ويندي جنهن جو وڏو حصو ڪراچي جي صنعتي علائقن مان گڏ ڪيو ويو آهي. صنعتي نمائندن زور ڀريو ته ماضي جي روايت مطابق ترقياتي ڪمن جي تيز عملدرآمد لاءِ اي ڊي پي اسڪيم بدران گرانٽ اِن ايڊ ذريعي ڪم ڪرايو وڃي. سيد مراد علي شاهه ڪراچي جي صنعتي بنياد کي مضبوط ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت جي عزم کي ورجائيندي چيو ته بهتر انفراسٽرڪچر پيداوار، روانگي واپار ۽ روزگار جا موقعا وڌائڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي. هن هدايت ڪئي ته پي سي ون ڪمشنر ڪراچي ۽ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي سان صلاح مشوري بعد حتمي بڻايو وڃي ۽ موجوده بجيٽ کان ٻاهر فنڊن جي منظوري لاءِ معاملو ڪابينا فنانس ڪميٽي اڳيان پيش ڪيو وڃي. شفافيت ۽ اثرائتي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ اها تجويز پڻ ڏني وئي ته فنانس، پي اينڊ ڊي، لوڪل گورنمينٽ، ڪي ڊبليو اينڊ ايس سي، سائيٽ لميٽيڊ، لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرن ۽ صنعتي ايسوسيئيشنن جي نمائندن تي ٻڌل هڪ نگراني ڪميٽي جوڙي وڃي، جيڪا منصوبن جي عملدرآمد جي نگراني ڪندي. اجلاس جي پڄاڻيءَ تي اتفاق ڪيو ويو ته صنعتي انفراسٽرڪچر جي وقت سر بحالي سان لاجسٽڪس جا مسئلا گهٽجندا، ڪاروباري خرچن ۾ گهٽتائي ايندي، سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيندو.










