لاڙڪاڻو-19 ڊسمبر (اي پي پي) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو، پيپلز پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري ۽ چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو اعجاز احمد لغاري سان گڏجي لُهر ڪالوني پهچي گئس سليندر ڌماڪي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان تعزيت ڪري گهري ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي فوتين جي وارثن مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي صاف ۽ شفاف جاچ …
پ پ ايم پي اي جميل سومرو پاران لاڙڪاڻي ۾ گيس سلينڊر ڌماڪي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن سان تعزيت

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-19 ڊسمبر (اي پي پي) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو، پيپلز پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري ۽ چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو اعجاز احمد لغاري سان گڏجي لُهر ڪالوني پهچي گئس سليندر ڌماڪي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان تعزيت ڪري گهري ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي فوتين جي وارثن مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي صاف ۽ شفاف جاچ ڪرائي متاثرن جي مالي سهائتا ڪئي وڃي جنهن تي ايم پي اي جميل احمد سومرو کين هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي خاطري پڻ ڪرائي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم پي اي جميل احمد سومرو چيو ته سلينڊر جي ڌماڪي ۽ هن ڌماڪي ۾ تمام گهڻو فرق آهي، هتي ٽيئر گاڊر چٻا ۽ 5 گهر مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن جنهن واقعي ۾ 4 عورتون ۽ ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته مرد، عورتون ۽ ٻارڙا زخمي آهن جيڪو انتهائي افسوسناڪ واقعو آهي. متاثرن موجب ٻنهي گهرن ۾ سلينڊر ثابت نڪتا آهن جنهن ۾ ايڏو وڏو ته ڌماڪو ٿيو جيڪو پري پري تائين ٻڌو ويو جنهن واقعي جي صاف ۽ شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي، ان لاءِ مان وزيراعليٰ سنڌ ۽ گهرو وزير سان ڳالهائي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي آگاهي ڏيندس. جان جي ڪا قيمت ناهي پر متاثرن جي مالي سهائتا لاءِ به سنڌ حڪومت سان ڳالهايو ويندو.









