لاڙڪاڻو-19 ڊسمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو رينج پوليس جي ڊي آئي جي ناصر آفتاب جي سربراهي ۾ ٻئي ڏينهن به پنجاب جي ضلعي راجن پور جي ڪچي وارن علائقن ۾ انڍڙ گينگ ۽ مزاري گينگ خلاف اڳئين مورچن تي آپريشن جاري .ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب جي سربراهي ۾ ضلعي پنجاب جي علائقي راجن پور جي ڪچي ۾ ٻئي ڏينهن به آپريشن جاري رهيو. آپريشن ۾ بڪتربند گاڏيون، جديد …
ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جي اڳواڻي ۾ راجن پور جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-19 ڊسمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو رينج پوليس جي ڊي آئي جي ناصر آفتاب جي سربراهي ۾ ٻئي ڏينهن به پنجاب جي ضلعي راجن پور جي ڪچي وارن علائقن ۾ انڍڙ گينگ ۽ مزاري گينگ خلاف اڳئين مورچن تي آپريشن جاري .ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب جي سربراهي ۾ ضلعي پنجاب جي علائقي راجن پور جي ڪچي ۾ ٻئي ڏينهن به آپريشن جاري رهيو. آپريشن ۾ بڪتربند گاڏيون، جديد مشينري سميت لاڙڪاڻو رينج پوليس، سکر پوليس ۽ راجن پور پوليس جي وڏي نفري حصو وٺي رهي آهي. ان موقعي تي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو چيو ته امن ۽ امان خراب ڪرڻ وارن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو. ٻنھي گينگز جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. پوليس آفيسرن ۽ جوانن جا حوصلا بلند آهن.انشاءالله جلد سماج دشمن عناصرن خلاف ڪچي ۾ جاري آپريشن ۾ ڪاميابيون حاصل ڪنداسين.









