ٽرمپ انتظاميه پاران شهريت واپس وٺڻ جي ڌمڪي، دستاويز منظر عام تي اچي ويا

واشنگٽن _ 19 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه جي اندروني هدايتن مان انڪشاف ٿيو آهي ته آمريڪي شهريت حاصل ڪندڙ ماڻهن جي هڪ وڏي تعداد کان شهريت واپس وٺڻ جون ڪوششون تيز ڪرڻ جو منصوبو بڻايو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب مطابق آمريڪي شهريت ۽ اميگريشن سروسز جي فيلڊ آفيسن کي هدايت ڏني وئي آهي ته هو 2026 ع جي مالي سال دوران هر مهيني …

واشنگٽن _ 19 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه جي اندروني هدايتن مان انڪشاف ٿيو آهي ته آمريڪي شهريت حاصل ڪندڙ ماڻهن جي هڪ وڏي تعداد کان شهريت واپس وٺڻ جون ڪوششون تيز ڪرڻ جو منصوبو بڻايو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب مطابق آمريڪي شهريت ۽ اميگريشن سروسز جي فيلڊ آفيسن کي هدايت ڏني وئي آهي ته هو 2026 ع جي مالي سال دوران هر مهيني 100 کان 200 شهريتون رد ڪري ڪيس انصاف واري وزارت ڏانهن موڪلين. ماهرن موجب 2017 ع کان هيل تائين مجموعي طور تي صرف 120 جي لڳ ڀڳ اهڙا ڪيس داخل ڪيا ويا هئا. وفاقي قانون تحت شهريت صرف مخصوص حالت ۾ ئي رد ڪري سگهجي ٿي جن ۾ نمايان طور تي دوکو ڏيڻ يا شهريت حاصل ڪرڻ جي عمل دوران غلط معلومات فراهم ڪرڻ شامل آهي. آمريڪي شهريت ۽ اميگريشن سروسز جي ترجمان چيو ته ادارو  انهن ماڻهن کي ترجيح ڏيندو جن غير قانوني طريقي سان شهريت حاصل ڪئي.