گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي اولهه آفريقا ۾ دهشتگردي خلاف گڏيل ڪارروائي جي اپيل

گڏيل قومون-19 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان اولهه آفريقا ۽ ساحل جي خطي ۾ بگڙجندڙ سيڪيورٽي صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي دهشتگردي خلاف موثر ۽ جامع قدمن لاءِ علائقائي ۽ عالمي تعاون وڌائڻ تي زور ڀريو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن جي وزير آصف خان سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته خطي جي ميمبر ملڪن وچ ۾ گڏيل اعتماد جو فروغ دهشتگردي خلاف گڏيل …

گڏيل قومون-19 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان اولهه آفريقا ۽ ساحل جي خطي ۾ بگڙجندڙ سيڪيورٽي صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي دهشتگردي خلاف موثر ۽ جامع قدمن لاءِ علائقائي ۽ عالمي تعاون وڌائڻ تي زور ڀريو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن جي وزير آصف خان سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته خطي جي ميمبر ملڪن وچ ۾ گڏيل اعتماد جو فروغ دهشتگردي خلاف گڏيل حڪمت عملي لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته تازي سياسي عدم استحڪام، خاص ڪري بينن ۽ گني بسا ۾ پيش ايل واقعا، ان خطي جي ڪمزور سيڪيورٽي صورتحال کي وڌيڪ بي نقاب ڪن ٿا. اجلاس ۾ گڏيل قومن جي اولهه آفريقا ۽ ساحل جي آفيس (يو اين او ڊبليو ايس) جي صورتحال تي بحث ڪيو ويو. آصف خان جماع نصر الاسلام و المسلمين، اسلامڪ اسٽيٽ ساحل صوبو، اسلامڪ اسٽيٽ ويسٽ آفريقا صوبو ۽ بوڪوحرام جهڙن دهشتگرد گروهن جي وڌندڙ سرگرمين تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪئي. پاڪستاني نمائندي زور ڀريو ته اي سي او ڊبليو اي ايس، اڪرا انيشيئٽيو ۽ ملٽي نيشنل جوائنٽ ٽاسڪ فورس جهڙن علائقائي فريم ورڪ کي وڌيڪ مضبوط ۽ وسيلن سان ليس ڪرڻ گهرجي.  هن يو اين او ڊبليو ايس طرفان ڳالهين ۽ تعميري رابطن کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن جي مڪمل حمايت جو به اعلان ڪيو. آصف خان چيو ته پاڪستان اولهه آفريقا ۽ ساحل جي عوام ۽ حڪومتن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ دهشتگردي ۽ پرتشدد انتهاپسندي خلاف جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهي. هن عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته وچ ساحل جي خطي ۾ 69 لک کان وڌيڪ متاثر ماڻهن جي فوري انساني امدادي ضرورتون پوريون ڪيون وڃن.