برسلز-19 ڊسمبر (اي پي پي) يورپي يونين روس خلاف جنگ ۾ يوڪرين جي مدد لاءِ 105 بلين ڊالر جو قرض فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق يورپي يونين ڪائونسل جي صدر انتونيو ڪوسٽا چيو آهي ته يورپي يونين جي اڳواڻن يوڪرين کي ايندڙ 2 سالن لاءِ ان جي فوجي ۽ اقتصادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ بنا وياج قرض فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. …
يورپي يونين طرفان روس خلاف جنگ ۾ يوڪرين جي مدد لاءِ 105 بلين ڊالر جو قرض فراهم ڪرڻ تي اتفاق

مزید خبریں
برسلز-19 ڊسمبر (اي پي پي) يورپي يونين روس خلاف جنگ ۾ يوڪرين جي مدد لاءِ 105 بلين ڊالر جو قرض فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق يورپي يونين ڪائونسل جي صدر انتونيو ڪوسٽا چيو آهي ته يورپي يونين جي اڳواڻن يوڪرين کي ايندڙ 2 سالن لاءِ ان جي فوجي ۽ اقتصادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ بنا وياج قرض فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. سفارتڪارن ٻڌايو ته اڳواڻن فيصلو ڪيو ته روس خلاف يوڪرين جي دفاع جي قرض سان سيڙپڪاري لاءِ روس جي فريز ٿيل اثاثن بدران ڪيپٽل مارڪيٽس مان قرض ورتو ويندو. يورپي يونين ڪائونسل جي صدر سوشل ميڊيا تي پوسٽ ۾ چيو ته يوڪرين کي 27-2026ع لاءِ 90 بلين يورو (105 ارب ڊالر) جي امداد فراهم ڪرڻ جي فيصلي جي منظوري ڏني وئي. هن فنڊنگ جي ذريعن جي وضاحت ناهي ڪئي پر سربراهي اجلاس جي نتيجن جي مسودي جي متن ۾ چيو ويو آهي ته اهو سرمايو يورپي يونين جي بجيٽ خلاف محفوظ ڪيپٽل مارڪيٽس مان ايندو پر روس جي مرڪزي بئنڪ جي فريز اثاثن جي استعمال تي ڳالهيون جاري رهنديون.









