آسٽريليا ۾ بونڊائي بيچ تي حملو ڪندڙن سان نظرياتي لاڳاپي جي شڪ ۾ 7 ڄڻا گرفتار

ڪينبرا-19 ڊسمبر (اي پي پي) آسٽريليا جي پوليس گذريل هفتي بونڊائي بيچ تي حملو ڪندڙن سان تعلق جي شڪ ۾ 7 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق پوليس چيو آهي ته سڊني جي ڏکڻ اولهه واري علائقي مان حراست ۾ ورتل 7 ماڻهو امڪاني طور انهن هٿياربند حملو ڪندڙن سان نظرياتي لاڳاپو رکن ٿا جن گذريل آچر تي بونڊائي بيچ تي هنوڪا تهوار جي تقريب تي فائرنگ …

ڪينبرا-19 ڊسمبر (اي پي پي) آسٽريليا جي پوليس گذريل هفتي بونڊائي بيچ تي حملو ڪندڙن سان تعلق جي شڪ ۾ 7 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق پوليس چيو آهي ته سڊني جي ڏکڻ اولهه واري علائقي مان حراست ۾ ورتل 7 ماڻهو امڪاني طور انهن هٿياربند حملو ڪندڙن سان نظرياتي لاڳاپو رکن ٿا جن گذريل آچر تي بونڊائي بيچ تي هنوڪا تهوار جي تقريب تي فائرنگ ڪري 15 ڄڻن کي ماري ڇڏيو هو. نيو سائوٿ ويلز جي ڊپٽي پوليس ڪمشنر گذريل ڏينهن ميڊيا کي ٻڌايو ته جيتوڻيڪ انهن ماڻهن ۽ حملو ڪندڙن وچ ۾ هن وقت تائين ڪنهن سڌي ريت تعلق جون شاهديون ناهن مليون پر انهن جي سوچ ۾ هم آهنگي ڏٺي وئي آهي. پوليس مطابق جاچ هن وقت شروعاتي مرحلي ۾ آهي پر اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته حراست هيٺ گروپ جي نشاني تي بونڊائي جو علائقو به شامل هو.