واشنگٽن-19 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 901 بلين ڊالر جي دفاعي بل تي صحيحيون ڪري ڇڏيون. پرڏيهي ميڊيا مطابق صدر گذريل ڏينهن دفاعي پاليسي بل تي صحيحيون ڪري ان جي منظوري ڏني جيڪو آمريڪي تاريخ جو سڀني کان وڏو فوجي خرچن جو پيڪيج آهي. مالي سال 2026ع جو نيشنل ڊيفنس آٿرائزيشن ايڪٽ 901 بلين ڊالر جي فوجي خرچن جي اجازت ڏئي ٿو، جيڪو انتظاميا جي درخواست سان …
آمريڪي صدر 901 بلين ڊالر جي دفاعي بل تي صحيحيون ڪري ڇڏيون، يوڪرين لاءِ 80 ڪروڙ، اسرائيل لاءِ 60 ڪروڙ ڊالر مخصوص

مزید خبریں
واشنگٽن-19 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 901 بلين ڊالر جي دفاعي بل تي صحيحيون ڪري ڇڏيون. پرڏيهي ميڊيا مطابق صدر گذريل ڏينهن دفاعي پاليسي بل تي صحيحيون ڪري ان جي منظوري ڏني جيڪو آمريڪي تاريخ جو سڀني کان وڏو فوجي خرچن جو پيڪيج آهي. مالي سال 2026ع جو نيشنل ڊيفنس آٿرائزيشن ايڪٽ 901 بلين ڊالر جي فوجي خرچن جي اجازت ڏئي ٿو، جيڪو انتظاميا جي درخواست سان اٽڪل 8 بلين ڊالر وڌيڪ آهي. ايڪٽ ۾ فوجين جي پگهارن ۾ اٽڪل 4 سيڪڙو اضافو به تجويز ڪيو ويو آهي، ان ۾ يوڪرين ۽ بالٽڪ رياستن لاءِ نئين فنڊنگ فراهم ڪئي وئي آهي. وائٽ هائوس طرفان جاري بيان ۾ آمريڪي صدر چيو ته اها قانون سازي سندس طاقت ذريعي امن جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائيندي، ملڪي سلامتي ۽ دفاعي صنعتي بنياد کي مضبوط بڻائيندي. 3086 صفحن تي ٻڌل بل ۾ اهم نڪتن ۾ يوڪرين لاءِ 800 ملين ڊالر مخصوص ڪيا ويا آهن جيڪي ايندڙ ٻن سالن مان ساليانو 400 ملين دالر جي حساب سان يوڪرين سيڪيورٽي اسسٽنس انيشي ايٽو جي حصي طور ڏني ويندي. ان بل ۾ اسرائيل لاءِ 600 ملين ڊالر مخصوص ڪيا ويا آهن.









