پيپر تي لاڳو اجايو ٽيڪس نه رڳو ڪتاب ڇاپڻ سان لاڳاپيل صنعت کي سخت نقصان پهچائي رهيو آهي: سردار علي شاهه

ڪراچي-18 ڊسمبر (اي پي پي)سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه خميس جي ڏينھن ڪراچي ۾ پنج ڏينهن واري “ڪراچي عالمي ڪتاب ميلي” جو افتتاح ڪيو.جيڪو 22 ڊسمبر تائين جاري رهندو. ان موقعي تي هن چيو ته پيپر تي لاڳو ڪيل اجايو ٽيڪس نه رڳو ڪتاب ڇاپڻ سان لاڳاپيل صنعت کي سخت نقصان پهچائي رهيو آهي، پر ان سبب ڪتاب مھانگا ٿيڻ ۽ ڪتابن جي ڇپائي گھٽ ٿيڻ …

ڪراچي-18 ڊسمبر (اي پي پي)سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه خميس جي ڏينھن ڪراچي ۾ پنج ڏينهن واري “ڪراچي عالمي ڪتاب ميلي” جو افتتاح ڪيو.جيڪو 22 ڊسمبر تائين جاري رهندو. ان موقعي تي هن چيو ته پيپر تي لاڳو ڪيل اجايو ٽيڪس نه رڳو ڪتاب ڇاپڻ سان لاڳاپيل صنعت کي سخت نقصان پهچائي رهيو آهي، پر ان سبب ڪتاب مھانگا ٿيڻ ۽ ڪتابن جي ڇپائي گھٽ ٿيڻ سان سماج ۾ مطالعي جو رجحان به متاثر ٿي رهيو آهي، هن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪتاب ڇاپيندڙن تي پيپر جي ٽيڪس ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي ته جيئن وڌيڪ ڪتاب شايع ٿي سگهن ۽ عام ماڻهن تائين علم ۽ ڄاڻ جي رسائي آسان بڻجي سگھي.سيد سردار علي شاهه چيو ته پيپر تي ٽيڪس گهٽجڻ جو سڌو فائدو نوجوانن کي ملندو، ڇو ته ڪتاب سستا ٿيندا ۽ انھن کي ٻيهر مطالعي ڏانهن راغب ڪرڻ ۾ مدد ملندي، هن زور ڀريو ته مصنوعي ذهانت ڪنهن به صورت ۾ ڪتاب جو متبادل نٿي ٿي سگهي، ڇو ته ڪتاب علم، شعور ۽ تنقيدي سوچ جي تعمير ڪن ٿا. هن چيو ته ڪتاب رڳو صفحا ناهن، پر قومن جي تقدير بدلائين ٿا، جڏهن ته مطالعي کان پري ٿيڻ سوچ کي قيد ڪرڻ جي برابر آهي.اهڙن خيالن جو اظهار ھن ڪالهھ ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ عالمي ڪتاب ميلي جي افتتاح کان پوءِ منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير چيو ته ڪتاب علم، شعور ۽ تنقيدي سوچ کي هٿي ڏين ٿا، جڏهن ته ڪتابن جي مهانگائي سبب عام ماڻهو جي پهچ محدود ٿي رهي آهي ۽ مقامي سطح تي ڪتاب ڇپجڻ ۾ به گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت ماضيءَ جي ڄاڻ تي ٻڌل هوندي آهي، جڏهن ته انسان کي اڃا علم جي سفر ۾ اڳتي وڌڻو آهي.سيد سردار علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت اسڪول سطح تي مطالعي جي واڌاري لاءِ مختلف قدم کڻي رهي آهي ۽ سنڌ جي هر اسڪول ۾ بڪ ڪاررنر قائم ڪيا ويندا ته جيئن ٻارن کي ڪتابن سان جوڙي رکيو وڃي. هن وفاق کان مطالبو ڪيو ته پيپر تي ٽيڪس گهٽايو وڃي، ڇو ته ٽيڪسن ۾ اضافي سبب درسي ڪتابن جي ڇپائي به متاثر ٿئي ٿي.صوبائي وزير ميلو لڳائيندڙن کي يقين ڏياريو ته ڪراچي کان پوءِ حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ميرپورخاص ۾ به عالمي ڪتاب ميلو منعقد ڪيو ويندو، جنهن لاءِ سنڌ حڪومت ڀرپور سهڪار فراهم ڪندي.ان موقعي تي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي صدر محمد احمد شاهه چيو ته ڪتابن جي وچ ۾ زندگيءَ جو حقيقي احساس ملي ٿو ۽ ڪتاب انسان کي مختلف جهانن جي سير ڪرائين ٿا، تنهن ڪري ڪتابن ۽ لائبريرين جي تحفظ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ گهرجن. بڪ پبلشرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين ڪامران نوراني چيو ته ڪتاب پڙهڻ جي رجحان کي وڌائڻ لاءِ والدين، استاد ۽ سماج جي هر فرد کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.نيشنل بڪ فائونڊيشن جي مراد علي چيو ته ڪتاب ثقافت جي واڌاري جو اهم ذريعو آهن ۽ جديد دور ۾ ڪتابن جي وڪري لاءِ ڪتاب ميلا ۽ آن لائين پليٽفارم اهم حيثيت رکن ٿا. ڪراچي ورلڊ بڪ فيئر 2025، 18 کان 22 ڊسمبر تائين ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ جاري رهندو، جنهن ۾ پاڪستان سميت 17 ملڪن جا پبلشرز شرڪت ڪري رهيا آهن. ميلي ۾ ڪُل 329 اسٽال لڳايا ويا آهن، جڏهن ته ملڪ مان 140 نامور پبلشر ۽ ڪتاب فروش حصو وٺي رهيا آهن. ڪتاب ميلو روزانو صبح 10 وڳي کان رات 9 وڳي تائين کليل رهندو.ڪراچي ورلڊ بڪ فيئر جو اهتمام پاڪستان پبلشرز اينڊ بڪ سيلرز ايسوسيئيشن جي سهڪار سان ڪيو ويو آهي، جتي ڪتابن سان گڏ علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين جو به اهتمام ڪيو ويو آهي. ڪتاب ميلو نون ڪتابن جي رونمائي ۽ ليکڪن سان ملاقات جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿو. پهريون ڀيرو مصر جي الازهر يونيورسٽي جي پبليڪيشن اداري جا نمائندا به ميلي ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن.صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه ڪتابن جي مختلف اسٽالن جو دورو ڪيو، جنهن دوران هو مصر جي الازهر يونيورسٽي جي پبليڪيشن اسٽال تي به ويو ۽ يونيورسٽي جي نمائندن جي علم دوست قدمن کي پڻ ساراهيو.ڪراچي ورلڊ بڪ فيئر ۾ سنڌ جي تعليم واري وزير جي آمد تي بڪ پبلشرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين ڪامران نوراني، وائس چيئرمين نديم مظهر ۽ ڪنويئنر وقار متين آجيان ڪئي، جڏهن ته ڊپٽي ڪنوينر ناصر حسين، نيشنل بڪ فائونڊيشن جي مراد علي ۽ ايونٽ اينڊ ڪانفرنس انٽرنيشنل جي ڊائريڪٽر راشد الحق به موجود هئا. ان موقعي تي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي صدر احمد شاهه سميت عالم، دانشور، استاد، شاگرد ۽ ڪتابن سان محبت ڪندڙ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.