لاڙڪاڻي ۾ 2 ڏينهن اڳ گيس سلينڊر ڦاٽڻ سبب هڪ وڌيڪ زخمي فوت، فوتين جو انگ چار ٿي ويو

لاڙڪاڻو-18 ڊسمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻي شهر ۾ ٻه ڏينهن اڳ مبينا گئس سلينڊر ڦاٽڻ وارو معاملو. ان ڏس ۾ لاڙڪاڻي شهر جي لهر ڪالوني ۾ ٻه ڏينهن اڳ مبينا طور گهر اندر گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب زخمي ٿيل 10 ورهين جو نينگر جواد پٽ جاويد رند ڪراچي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان واقعي جي فوتين جو انگ وڌي …

لاڙڪاڻو-18 ڊسمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻي شهر ۾ ٻه ڏينهن اڳ مبينا گئس سلينڊر ڦاٽڻ وارو معاملو. ان ڏس ۾ لاڙڪاڻي شهر جي لهر ڪالوني ۾ ٻه ڏينهن اڳ مبينا طور گهر اندر گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب زخمي ٿيل 10 ورهين جو نينگر جواد پٽ جاويد رند ڪراچي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان واقعي جي فوتين جو انگ وڌي 4 ٿي ويو آهي. هوڏانهن فوتي نينگر جو لاش سندس وارثن پاران ايمبولينس ذريعي ڪراچي مان کڻائي لاڙڪاڻي آندو ويو، جڏهن ته نينگر جو لاش پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. ان سلسلي ۾ فوتي نينگر جي وارثن جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين ضلعي انتظاميه توڙي پوليس اصل حقيقتون سامهون نه آڻي سگهي آهي ته ڌماڪو گئس سلينڊر جو ٿيو آهي يا ڪنھن ٻي شي جو آهي، جنهن لاءِ سڀئي حقيقتون سامهون اچڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور واقعي جي جاچ ڪرائي زخمين کي وڌيڪ علاج جون سهولتون فراهم ڪري سندن زندگيون بچايون وڃن. ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ شهر جي لهر ڪالوني جي هڪ گهر اندر مبينا گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب هن وقت تائين چار انساني جانيون ضايع ٿي ويون آهن ۽ 15 ماڻهن جو مختلف اسپتالن اندر علاج هلندڙ آهي.