ڪراچي -18 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت نادرا جي سڃاڻپ ڪارڊ کان سواءِ مڇي جو شڪار ڪندڙ ماھيگيرن جي نه رجسٽريشن ڪندي، نه کين لائسنس جاري ٿيندو ۽ نه ئي هو پنهنجي شڪاري لانچ رجسٽر ڪرائي سگهندا. اهڙو فيصلو صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز محمد علي ملڪاڻي جي صدارت هيٺ هڪ اهم اجلاس ۾ ڪيو ويو. اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل خبر موجب اجلاس ۾ سيڪيورٽي ادارن سميت …
سنڌ حڪومت پاران نادرا جي سڃاڻپ ڪارڊ کان سواءِ مڇي جو شڪار ڪندڙ ماھيگيرن جي رجسٽريشن ۽ لائسنس جاري نه ڪرڻ جو فيصلو
ڪراچي -18 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت نادرا جي سڃاڻپ ڪارڊ کان سواءِ مڇي جو شڪار ڪندڙ ماھيگيرن جي نه رجسٽريشن ڪندي، نه کين لائسنس جاري ٿيندو ۽ نه ئي هو پنهنجي شڪاري لانچ رجسٽر ڪرائي سگهندا. اهڙو فيصلو صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز محمد علي ملڪاڻي جي صدارت هيٺ هڪ اهم اجلاس ۾ ڪيو ويو. اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل خبر موجب اجلاس ۾ سيڪيورٽي ادارن سميت پاڪستان ڪسٽم ۽ وفاقي ۽ صوبائي فشريز سان لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت شڪار ۽ شڪار تي ويندڙ لانچن جي رجسٽريشن صرف ان صورت ۾ ڪندي، جڏهن ماھيگر نادرا پاران جاري ڪيل پنهنجي سڃاڻپ ظاهر ڪندو. ائين ڪرڻ سان سامونڊي پٽي ۾ شڪار ڪندڙ ماھيگر کان علاوه ڪو به فرد شڪار جي بهاني اسمگلنگ سميت ٻين ڏوهن ۾ ملوث ٿي پنهنجو ڪم نه ڪري سگهندو. ان موقعي تي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو ته هن قدم سان چائلڊ ليبر وارو معاملو به پاڻمرادو ختم ٿي ويندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران غير قانوني ڄارن تي لاڳو بندش جي استعمال کي روڪڻ چاهيون ٿا، ان لاءِ جلد ميڊيا، سوشل ميڊيا، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ذريعي وارننگ جاري ڪنداسين ته هڪ مهيني کان پوءِ جيڪڏهن ڪنهن ماھيگر غير قانوني ڄار استعمال ڪيو ته ان تي ڏنڊ ۽ قيد جي سزا هڪ ئي وقت لاڳو ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته جيڪو پاڻ اچي غير قانوني ڄار جمع ڪرائيندو، ان کي قانوني طور اجازت يافتا متبادل فراهم ڪيو ويندو ته جيئن هو پنهنجو شڪار جاري رکي سگهي. هن چيو ته اهڙي طريقي سان سامونڊي جيوت کي تحفظ ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. محمد علي ملڪاڻي چيو ته ماھيگرن جي فلاح و بهبود لاءِ سندن مستقل انشورنس ۽ ماھيگري ڪارڊ جاري ڪرڻ واري منصوبي تي به ڪم جاري آهي، جلد اهي سهولتون به مهيا ڪيون وينديون. هن چيو ته غير قانوني مڇي جي شڪار کي روڪڻ لاءِ جيڪي به قدم کڻڻا پوندا، اهي کنيا ويندا. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته سامونڊي پٽي سان لاڳاپيل جيڪي به ايجنسيون ڪم ڪري رهيون آهن، انهن وچ ۾ گڏيل ڪوآرڊينيشن هئڻ گهرجي، جنهن ۾ پاڪستان آرمي، پاڪستان رينجرز، پاڪستان ڪوسٽ گارڊ، پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسين، سنڌ پوليس ۽ وفاقي ۽ صوبائي فشريز کاتي جا عملدار شامل هوندا، جيڪي ون ونڊو آپريشن تحت نظام کي چيڪ اينڊ بيلنس سان هلائيندا. ان موقعي تي سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز ڪاظم حسين جتوئي، چيئرپرسن فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي فاطمه مجيد، ڊي جي ميرين فشريز پاڪستان ڊاڪٽر منصور وساڻ، ڊي جي سنڌ ميرين فشريز ڊاڪٽر عاصم حسين، ايس ايس پي ڪياماڙي سيد حسن رضا، ڪرنل ياسر نظير (پاڪستان ڪوسٽ گارڊ)، ليفٽيننٽ ڪرنل عمير علي (پاڪستان رينجرز)، ميجر نجم الحسن (جي ايس او هيڊ ڪوارٽر پاڪستان آرمي 5 ڪور)، سيد محمد رضا (اي ڊي سي پاڪستان ڪسٽم) ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.












