حيدرآباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) ثقافت کاتي سنڌ جي سهڪار سان جديد سنڌي شاعري جي سرموڙ شاعر شيخ اياز جي فڪر ۽ ادبي خدمتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ٽن ڏينهن وارو يارهون اياز ميلو اڄ جمعي کان سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ شروع ٿيندو. ميلي جو افتتاح ثقافت کاتي سنڌ جو صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه ۽ ميئر حيدرآباد ڪاشف علي شورو ڪندا. ميلي جي ٽن ڏينهن دوران بحث مباحثا، …
يارهون اياز ميلو 19 ڊسمبر کان حيدر آباد ۾ شروع ٿيندو، ثقافت وارو صوبائي وزير ذوالفقار علي شاهه افتتاح ڪندو
حيدرآباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) ثقافت کاتي سنڌ جي سهڪار سان جديد سنڌي شاعري جي سرموڙ شاعر شيخ اياز جي فڪر ۽ ادبي خدمتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ٽن ڏينهن وارو يارهون اياز ميلو اڄ جمعي کان سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ شروع ٿيندو. ميلي جو افتتاح ثقافت کاتي سنڌ جو صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه ۽ ميئر حيدرآباد ڪاشف علي شورو ڪندا. ميلي جي ٽن ڏينهن دوران بحث مباحثا، مشاعرو، موسيقيءَ جا پروگرام، ٿييٽر ۽ نون ڪتابن جون مهورتي تقريبون پڻ ٿينديون، ٽن ڏينهن تائين جاري رهندڙ هن ميلي ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اردو، سنڌي، سرائيڪي، پنجابي، پشتو، ۽ بلوچي ٻولين جا 100 کان وڌيڪ نامور اديب، محقق، شاعر ۽ دانشور شرڪت ڪندا، جيڪي شيخ اياز جي شاعري، ميڊيا، جديد ادب ۽ ٻين موضوعن تي پنهنجا خيال پيش ڪند. ان سان گڏ ڪيترن ئي شايع ٿيل ڪتابن تي به پينل ڊسڪشن دوران ڳالهيون ڪيون وينديون. ميلي جو مقصد عظيم شاعر ۽ مفڪر شيخ اياز جي ادبي ۽ شاعراڻي خدمتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ سندس ڪردار کي نمايان ڪرڻ آهي.












