واشنگٽن/ڪابل _18 ڊسمبر (اي پي پي) افغان طالبان جي شدت پسنداڻي پاليسين ۽ دهشتگرد تنظيمن جي مبينه سرپرستي سبب آمريڪا افغان شهرين لاءِ سمورا اميگريشن چينلز بند ڪندي سخت ترين پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيو آهن.دي واشنگٽن پوسٽ جي رپورٽ موجب ٽرمپ انتظاميه افغان اسپيشل اميگرنٽ ويزا ((SIV معطل ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ مطابق اهو سخت فيصلو افغان ڄائي رحمان الله لڪنوال طرفان ٻن نيشنل گارڊ اهلڪارن تي فائرنگ جي واقعي بعد …
دهشتگردي جي سرپرستي جو نتيجو، ٽرمپ انتظاميه جو افغان شهرين تي سخت ڪريڪ ڊائون ، سمورا اميگريشن چينلز بند

مزید خبریں
واشنگٽن/ڪابل _18 ڊسمبر (اي پي پي) افغان طالبان جي شدت پسنداڻي پاليسين ۽ دهشتگرد تنظيمن جي مبينه سرپرستي سبب آمريڪا افغان شهرين لاءِ سمورا اميگريشن چينلز بند ڪندي سخت ترين پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيو آهن.دي واشنگٽن پوسٽ جي رپورٽ موجب ٽرمپ انتظاميه افغان اسپيشل اميگرنٽ ويزا ((SIV معطل ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ مطابق اهو سخت فيصلو افغان ڄائي رحمان الله لڪنوال طرفان ٻن نيشنل گارڊ اهلڪارن تي فائرنگ جي واقعي بعد ڪيو ويو، جنهن ۾ هڪ اهلڪار مارجي ويو . ان واقعي بعد ٽرمپ انتظاميه سمورن افغان شهرين جي اميگريشن ، شهريت ۽ گرين ڪارڊ جون درخواستون فوري طور تي معطل ڪري ڇڏيون آهن . افغانستان هاڻي انهن 12 ملڪن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو آهي جن تي مڪمل سفري پابنديون لاڳو آهن . وائٽ هائوس مطابق اهو قدم انهن ملڪن خلاف آهي جيڪي اسڪريننگ ۽ معلومات واشنگٽن جي ڏي وٺ ۾ ناڪام رهيا آهن . ترجمو ڪندڙن سميت سمورا افغان ويزا هولڊر هاڻي آمريڪي تحفظ کان محروم ٿي چڪا آهن . وڌندڙ سيڪيورٽي خطرن کي نظر ۾ رکندي گذريل هفتي پناهگير پروگرام معطل ڪري ڇڏيو . برطانيه پنهنجي شهرين لاءِ افغانستان متعلق سخت ترين ٽريول ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي . آسٽريليا افغان شهرين تي سخت پابنديون لاڳو ڪيون آهن ۽ ڪينبرا ۾ افغان سفارتخانو بند ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي . عالمي برادري جو وڌندڙ دٻاءَ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته طالبان رجيم طرفان دهشتگردن جي مبينه سرپرستي هاڻي عالمي امن لاءِ سنگين خطرو بڻجي چڪي آهي . جنهن جو نتيجو افغان عوام کي عالمي اڪيلائي جي صورت ۾ ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي.









