پشاور -18 ڊسمبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پاڪستان آفريقي ملڪن سان دوستاڻي سھڪار تي ٻڌل لاڳاپن کي وڏي اھميت ڏئي ٿو. انھن خيالن جو اظھار ھن پشاور جي دوري تي آيل سرينا ھوٽل جي گلوبل ليڊر شپ جي اعزاز ۾ پشاور جي گورنر ھائوس ۾ پروقار آجياڻي جي تقريب دوران ڪيو. آجياڻي ۾ سيرينا ھوٽلز جي سي اي او عزيز بولاني جي قيادت …
پاڪستان، آفريقي ملڪن سان دوستاڻي ۽ سھڪار تي ٻڌل لاڳاپن کي وڏي اھميت ڏئي ٿو: خيبرپختونخوا جو گورنر
پشاور -18 ڊسمبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پاڪستان آفريقي ملڪن سان دوستاڻي سھڪار تي ٻڌل لاڳاپن کي وڏي اھميت ڏئي ٿو. انھن خيالن جو اظھار ھن پشاور جي دوري تي آيل سرينا ھوٽل جي گلوبل ليڊر شپ جي اعزاز ۾ پشاور جي گورنر ھائوس ۾ پروقار آجياڻي جي تقريب دوران ڪيو. آجياڻي ۾ سيرينا ھوٽلز جي سي اي او عزيز بولاني جي قيادت ۾ آفريقي ملڪ ڪينيا، مصر، ڏکڻ آفريقا، تنزانيه ۽ برطانيا، جرمني جي نمائندن شرڪت ڪئي. خيبرپختونخوا جي گورنر مھمانن کي گورنر ھائوس آمد تي آجيان ڪئي ۽ کين خيبرپختونخوا جون روايتي چادرون ۽ ٽوپيون به پيش ڪيون. گورنر چيو ته گورنر ھائوس آجياڻي جي تقريب ۾ سرينا ھوٽلز جي گلوبل ليڊر شپ جو اجتماع منھنجي لاءِ اعزاز سان ھن صوبي جو پرامن ۽ ھاڪاري چھرو اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش آھي. ھن صوبي جو سافٽ اميج اجاگر ڪرڻ ۾ عزيز بولاني جي ڪردار کي به ساراھيو ۽ پرڏيھي وزير جو به شڪريو ادا ڪندي اميد ظاھر ڪئي ته اھڙي طرح جا رابطا مستقبل ۾ ڊگھي شرڪتداري ۽ ھاڪاري اڳڀرائي جو سبب بڻجندا. خيبرپختونخوا جي گورنر چيو ته خيبرپختونخوا بي پناھه صلاحيتن ۽ پراڻي تھذيب جو صوبو آھي. ھتي مذمبي سياحت جا بھترين موقعا موجود آھن، سياحت کي ھٿي ڏيڻ لاءِ امن اڻٽر آھي ۽ صوبي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ اسان جي سيڪيورٽي فورسز دھشتگردن خلاف مصروف عمل آھي. تقريب ۾ سرينا ھوٽل جي سي اي او عزيز بولاني به خطاب ڪيو ۽ پنھنجي سرينا ھوٽلز گلوبل ليڊر شپ طرفان شاندار مھمان نوازي تي خيبرپختونخوا جي گورنر جو شڪريو ادا ڪيو.












