سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر پاران روسي فيڊريشن جي قونصل جنرل آندري وڪٽورووچ فيڊوروف جي سنڌ اسيمبلي ۾ اچڻ تي آڌرڀاءُ

ڪراچي-18 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه روسي فيڊريشن جي قونصل جنرل آندري وڪٽورووچ فيڊوروف جو سنڌ اسيمبلي ۾ اچڻ تي آڌرڀاءُ ڪيو ۽ پاڪستان ۽ روس جي ڊگهي عرصي کان هلندڙ دوستاڻن لاڳاپن کي ساراهيو. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر جي ترجمان موجب قونصل جنرل آندري وڪٽورووچ فيڊوروف ٻڌايو ته هي ڪراچي جو سندس ٻيو دورو آهي. هن 2013ع کان 2018ع تائين ڊپٽي چيف …

ڪراچي-18 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه روسي فيڊريشن جي قونصل جنرل آندري وڪٽورووچ فيڊوروف جو سنڌ اسيمبلي ۾ اچڻ تي آڌرڀاءُ ڪيو ۽ پاڪستان ۽ روس جي ڊگهي عرصي کان هلندڙ دوستاڻن لاڳاپن کي ساراهيو. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر جي ترجمان موجب قونصل جنرل آندري وڪٽورووچ فيڊوروف ٻڌايو ته هي ڪراچي جو سندس ٻيو دورو آهي. هن 2013ع کان 2018ع تائين ڊپٽي چيف آف مشن طور خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ 2022ع کان قونصل جنرل طور خدمتون ڏئي رهيو آهي. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ، واپاري ۽ معاشي سهڪار وڌائڻ ۽ زراعت، ماحولياتي تبديلي ۽ صنعت جهڙن اهم شعبن ۾ تعاون جي امڪانن تي خيالن جو اظهار ڪيو ويو. اسپيڪر پنهنجي تڪ سکر جي زرعي ۽ صنعتي صلاحيتن کي اجاگر ڪيو ۽ قونصل جنرل کي علائقي جي دوري جي دعوت ڏني.قونصل جنرل آندري وڪٽورووچ فيڊوروف پاڪستان جي تاريخ ۽ ثقافت ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ سنڌ جي ڪيل مختلف دورن جن ۾ موهن جو دڙو، سکر، رني ڪوٽ قلعو، عمرڪوٽ ۽ ڪوٽ ڏيجي شامل آهن. اسپيڪر کيس ساڌ ٻيلو ۽ اروڙ ماتا مندر جهڙن اهم مذهبي ۽ تاريخي ماڳن جي دوري جي به دعوت ڏني. اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۽ روس جا لاڳاپا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور کان مضبوط آهن ۽ روس هميشه پاڪستان جو دوست ملڪ رهيو آهي.ترجمان موجب ملاقات دوران روسي ۽ پاڪستاني واپاري برادري جي لاڳاپن بابت پڻ خيالن جو اظهار ڪيو ويو. روسي قونصل جنرل واپاري لاڳاپن کي ساراهيو، جڏهن ته اسپيڪر روسي ۽ پاڪستاني واپاري برادري جي وچ ۾ ويجهي رابطي کي آسان بڻائڻ جي تجويز ڏني ته جيئن واپاري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿي سگهن.ٽيڪس ۽ ڪسٽمز جي مسئلن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، جيڪي شين جي قيمتن ۾ واڌ جو سبب بڻجن ٿا ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته انهن مسئلن جي حل لاءِ گڏيل ڪوششون ضروري آهن. سنڌ اسيمبلي ٻطرفي لاڳاپن، واپار ۽ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي. روسي قونصل جنرل اسپيڪر جي تعاون جو شڪريو ادا ڪيو ۽ ڪراچي جي معاشي صلاحيتن کي ساراهيو، شهر جي متحرڪ واپاري ماحول کي اجاگر ڪيو. اسپيڪر قونصل جنرل کي سنڌ حڪومت جي اهم پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي قدمن بابت پڻ آگاهه ڪيو ۽ انهن کي پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت جا ويزنري منصوبا قرار ڏنو. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر قونصل جنرل کي فيبروري 2026ع ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ ٿيندڙ ٻي سي پي اي ايشيا ريجنل ڪانفرنس ۾ شرڪت جي به دعوت ڏني. پاڪستان ۽ روس جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه، تعاون ۽ گڏيل سمجهه جي عزم جو ٻيهر اظهار ڪيو ويو. روسي قونصل جنرل طرفان اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه کي روسي ثقافتي تحفو ۽ پينٽنگ پيش ڪئي وئي، جڏهن ته اسپيڪر روسي قونصل جنرل کي سنڌ اسيمبلي جي ليگيسي شيلڊ، سنڌي ثقافتي ٽوپي ۽ اجرڪ پارائي.