لاڙڪاڻو -18 ڊسمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو رينج جو ڊي آءِ جي ناصر آفتاب پنجاب جي ضلعي راجن پور جي ڪچن وارن علائقن ۾ تنوير انڍڙ گينگ ۽ مزاري گينگ خلاف جاري آپريشن واري علائقي ۾ پھچي ويو. جتي آپريشن ۾ بڪتربند گاڏيون، جديد مشينري سميت سکر پوليس جي وڏي نفري حصو وٺي رهي آهي .راجن پور ۾ تنوير انڍڙ گينگ ۽ مزاري گينگ خلاف جاري آپريشن بابت ڊي پي او …
ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جو راجن پور ضلعي جي ڪچي جو دورو، ڌاڙيلن خلاف جاري آپريشن جو جائزو
لاڙڪاڻو -18 ڊسمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو رينج جو ڊي آءِ جي ناصر آفتاب پنجاب جي ضلعي راجن پور جي ڪچن وارن علائقن ۾ تنوير انڍڙ گينگ ۽ مزاري گينگ خلاف جاري آپريشن واري علائقي ۾ پھچي ويو. جتي آپريشن ۾ بڪتربند گاڏيون، جديد مشينري سميت سکر پوليس جي وڏي نفري حصو وٺي رهي آهي .راجن پور ۾ تنوير انڍڙ گينگ ۽ مزاري گينگ خلاف جاري آپريشن بابت ڊي پي او راجن پور عمران، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي بريفنگ ڏني .ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو پوليس آفيسرن ۽ جوانن جي حوصله افزائي ڪندي ڌاڙيلن خلاف جاري ڪامياب ڪاررواين تي شاباش ڏني ۽ چيو ته امن امان خراب ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو .ٻنهي گينگز جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. پوليس آفيسرن ۽ جوانن جا حوصلا بلند آهن.انشاءَالله تمام جلد سماج دشمنن خلاف ڪچي ۾ جاري آپريشن ۾ ڪاميابيون حاصل ڪنداسين. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب جي دوري دوران ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گھانگھرو پڻ ساڻس گڏ هو.












