ڍاڪا _ 18 ڊسمبر (اي پي پي ) مودي سرڪاري کي کليل چيلنج ڏيندي بنگلاديش ڀارتي دٻاءَ ۽ بالادستي قبول ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو . قاتلن جي سرپرستي ڪندڙ مودي کي بنگلاديش واضع پيغام ڏيندي چيو آهي ته هاڻي مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي. ميڊيا رپورٽ مطابق بنگلاديش ۾ ڍاڪا يونيورسٽي جي شاگردن قاتل شيخ حسينه واجد کي پناهه ڏيندڙ مودي جي پتلي کي باهه ڏي ساڙي ڇڏيو …
پاڙيسري ملڪن جي اندروني معاملن ۾ ڀارتي مداخلت تي بنگلاديش جو جارحاڻو ردعمل

مزید خبریں
ڍاڪا _ 18 ڊسمبر (اي پي پي ) مودي سرڪاري کي کليل چيلنج ڏيندي بنگلاديش ڀارتي دٻاءَ ۽ بالادستي قبول ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو . قاتلن جي سرپرستي ڪندڙ مودي کي بنگلاديش واضع پيغام ڏيندي چيو آهي ته هاڻي مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي. ميڊيا رپورٽ مطابق بنگلاديش ۾ ڍاڪا يونيورسٽي جي شاگردن قاتل شيخ حسينه واجد کي پناهه ڏيندڙ مودي جي پتلي کي باهه ڏي ساڙي ڇڏيو . نيشنل سٽيزن پارٽي جي چيف آرگنائزر ۽ بنگلاديشي اڳواڻ حسنات عبدالله جو ڀارت خلاف ڇٽو موقف سامهون آيو آهي.حسنات عبدلله بنگلاديش ۾ عدم استحڪام تي ڀارت جو اتر اوڀر خطو ڌار ڪرڻ جي وارننگ ڏيندي چيو ته توهان قاتلن کي پناهه ڏني، ڀارت واضع طورتي ڄاڻي وٺي ته اسان ڀارت جي اتر اوڀر سيون سسٽر رياستن کي الڳ ڪري ڇڏينداسين. حسنات عبدالله چيو ته ڀارتي اختياريون بنگلاديش شهرين جي سرحد پار فوتگين ۾ ملوث آهي. بنگلاديش جي خودمختياري ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿي ته بنگلاديش سخت جواب ڏيندو. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت اڄ به بنگلاديش کي ڪمزور ۽ تڪراري بڻائڻ چاهي ٿو . هن چيو ته ڀارت جي پاڙيسري ملڪن ۾ مداخلت ۽ قاتلن جي پٺڀرائي ڪري خطي کي تڪرار جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي. بنگلاديشي قيادت جو ڀارت کي واضع پيغام آهي ته هاڻي سفاڪ مودي کي پنهنجي جارحاڻين پاليسين سبب سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا.









