واشنگٽن-18 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي فوج جي اوڀر ماٺي سمنڊ ۾ هڪ سامونڊي جهاز تي پنهنجي تازي حملي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق يو ايس سدرن ڪمانڊ (سائوٿ ڪام)، جيڪا لاطيني آمريڪا جي علائقي سدرن اسپيئر نالي فوجي آپريشن جي قيادت ڪري رهي آهي، چيو ته گذريل ڏينهن ٿيل حملي ۾ چئن دهشتگردن کي نشانو بڻايو ويو. آمريڪي فوج طرفان ان ڳالهه جو ڪو ثبوت …
آمريڪي فوج طرفان اوڀر ماٺي سمنڊ ۾ هڪ ٻئي سامونڊي جهاز تي حملو، 4 ڄڻا مارجي ويا

مزید خبریں
واشنگٽن-18 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي فوج جي اوڀر ماٺي سمنڊ ۾ هڪ سامونڊي جهاز تي پنهنجي تازي حملي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق يو ايس سدرن ڪمانڊ (سائوٿ ڪام)، جيڪا لاطيني آمريڪا جي علائقي سدرن اسپيئر نالي فوجي آپريشن جي قيادت ڪري رهي آهي، چيو ته گذريل ڏينهن ٿيل حملي ۾ چئن دهشتگردن کي نشانو بڻايو ويو. آمريڪي فوج طرفان ان ڳالهه جو ڪو ثبوت فراهم ناهي ڪيو ويو ته نشانو بڻايل سامونڊي جهاز منشيات اسمگلنگ ۾ ملوث هو. ان حملي ۾ سيپٽمبر کان اوڀر ماٺي ۽ ڪيريبيئن ۾ 26 سامونڊي جهازن تي ٿيل آمريڪي حملن ۾ مارجي ويل ماڻهن جو انگ اٽڪل هڪ سو تائين پهچي ويو آهي.









