بنڪاڪ-18 ڊسمبر(اي پي پي ) ڪمبوڊيا جي سرحد تي ٿائي فوج ۽ ڪمبوڊيائي فوج وچ ۾ چڪرين دوران مارجي ويل ٿائي فوجين جو انگ 21 ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ٿائي فوج پاران جاري ڪيل بيان موجب 17 ڊسمبر تي سيساڪيٽ ۽ ساڪياو صوبن ۾ ٿيل هٿيار بند ڇڪرين ۾ ٻه وڌيڪ ٿائي فوجي مارجي ويا آهن، اهي چڪريون 7 ڊسمبر تي ٿائي لينڊ ۽ ڪمبوڊيا جي سرحد تي شروع ٿيون هيون. …
ٿائيلينڊ ڪمبوڊيا سرحد تي چڪرين ۾ مارجي ويل ٿائي فوجين جو انگ 21 ٿي ويو

مزید خبریں
بنڪاڪ-18 ڊسمبر(اي پي پي ) ڪمبوڊيا جي سرحد تي ٿائي فوج ۽ ڪمبوڊيائي فوج وچ ۾ چڪرين دوران مارجي ويل ٿائي فوجين جو انگ 21 ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ٿائي فوج پاران جاري ڪيل بيان موجب 17 ڊسمبر تي سيساڪيٽ ۽ ساڪياو صوبن ۾ ٿيل هٿيار بند ڇڪرين ۾ ٻه وڌيڪ ٿائي فوجي مارجي ويا آهن، اهي چڪريون 7 ڊسمبر تي ٿائي لينڊ ۽ ڪمبوڊيا جي سرحد تي شروع ٿيون هيون. 8 ڊسمبر تي ٿائي فوج ٻڌايو ته ڪمبوڊيائي فورسز سرحدي علائقي ۾ ٿائي پوزيشن تي گولاباري شروع ڪري جواب ۾ ٿائي هوائي ڪمپني ڪمبوڊيائي فوجي انفراسٽرڪچر تي حملو ڪيو .ٿائي حڪومت جو چوڻ آهي ته انهن چڪرين ۾ 200 کان به وڌيڪ ڪمبوڊيائي فوجي مارجي ويا آهن. ڪمبوڊيا جي سڌ سماءَ واري وزير نيٽ پيڪٽرا چيو آهي ته انهن چڪرين ۾ 15 شهري به مارجي ويا . روس جي سفارتخاني ٻنهي ملڪن ۾ پنهنجي شهرين کي سرحدي علائقن کان پري رهڻ جي اپيل ڪئي آهي.









