ڪراچي-17 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عالمي بينڪ جي 10 رڪني وفد سان هڪ جامع، شعبي واري جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪئي. وفد جي اڳواڻي ڪنٽري ڊائريڪٽر بولورما آمگابازار ڪري رهي هئي. اجلاس ۾ سنڌ ۾ جاري ترقياتي منصوبن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ ايندڙ ترجيحن تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس جي شروعات ۾ وڏي وزير چيو ته ورلڊ بينڪ سان …
سنڌ جي وڏي وزير جو عالمي بينڪ جي وفد سان هڪ جامع، شعبي واري جائزي جو اجلاس
ڪراچي-17 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عالمي بينڪ جي 10 رڪني وفد سان هڪ جامع، شعبي واري جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪئي. وفد جي اڳواڻي ڪنٽري ڊائريڪٽر بولورما آمگابازار ڪري رهي هئي. اجلاس ۾ سنڌ ۾ جاري ترقياتي منصوبن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ ايندڙ ترجيحن تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس جي شروعات ۾ وڏي وزير چيو ته ورلڊ بينڪ سان ڀائيواري سنڌ جي سڌارن ۽ بحالي واري ايجنڊا جو مرڪزي ٿنڀ آهي. اسان منصوبن تي تيز عملدرآمد، مضبوط نتيجا ۽ عوام لاءِ نمايان اثر چاهيون ٿا. سنڌ ۾ هن وقت ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان 13 منصوبا جاري آهن جن جي ڪل لاڳت 3.8 ارب ڊالر آهي، جڏهن ته هن وقت تائين 1.96 ارب ڊالر جاري ڪيا ويا آهن. مالي سال 26-2025ع لاءِ سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ بينڪ 700.25 ملين ڊالر جي بنيادي ڊسبرسمنٽ هدف تي اتفاق ڪيو آهي. شهري ترقي، ٽرانسپورٽ ۽ بلدياتي خدمتن سان لاڳاپيل منصوبن ۾ 230 ملين ڊالر جو ڪمپيٽوٽو اينڊ ليو ايبل سٽي آف ڪراچي پروجيڪٽ، 382 ملين ڊالر جو ڪراچي موبيلٽي پروجيڪٽ ۽ 100 ملين ڊالر جو سالڊ ويسٽ ايمرجنسي اينڊ افيشينسي پروجيڪٽ شامل آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽائون ميونسپل ڪاميٽين تحت 161 اسڪيمون جن جي ماليت 66.7 ملين ڊالر آهي، جيڪي عمل هيٺ آهن جن مان 47 مڪمل ٿي چڪيون آهن. مجموعي فزيڪل اڳڀرائي 61 سيڪڙو آهي جڏهن ته باقي اسڪيمون 30 مارچ 2026ع تائين مڪمل ڪرڻ جو هدف رکيو ويو آهي. ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جون 19 ملين ڊالر واريون 8 اسڪيمون پڻ جاري آهن، جن جي اوسط اڳڀرائي 57 سيڪڙو آهي. چار لي ايم سي اسڪيمون پروڪيورمينٽ مرحلي ۾ آهن جن جا ٺيڪا جلد ڏيڻ جي اميد آهي. ڪراچي ۾ شهري پراپرٽي ٽيڪس بابت گهر گهر سروي جاري آهي، جنهن ۾ 33 لک مان 31 لک پراپرٽيز کي داخل ڪرڻ جو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. پروجيڪٽ اسٽيئرنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ فنڊن جي ٻيهر ورڇ جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي. ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ وڏي وزير ٻڌايو ته ايس بي او ايس ايس گو لائيو (ويئو – 2 ) جو آغاز 28 نومبر 2025ع تي ڪيو ويو. 19 مان 13 ادارا هن نظام سان ڳنڍجي چڪا آهن، 130 مان 54 ريگيوليٽري لائسنس، سرٽيفڪيٽ ۽ ٻيا اجازت ناما ڊجيٽل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ھيستائين 4089 اي-پرميٽس جاري ڪيا ويا آهن. باقي ڇهن ادارن جا 76 اجازت ناما (ويئو-3) مئي 2026ع تائين فعال ٿيڻ جي اميد آهي. ايس بي او نايس ايس تحت آءِ ٽي سرگرمين، ڪو – لوڪيشن سهولتن ۽ هارڊويئر جي خريداري لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وڏي وزير ٻڌايو ته ڪي آءِ ايف اسٽڊي ۽ 360 ڊگري مارڪيٽنگ فرم جا معاهدا ڊسمبر 2025ع جي پڇاڙي تائين متوقع آهن، جڏهن ته بزنس فيسيلٽيشن سينٽر لاءِ عمارت حاصل ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي وڏي وزير زور ڏيندي چيو ته ڪراچي جي ٽرانسپورٽ، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ ۽ بلدياتي سڌارن کي گڏ کڻي هلائڻ سان ئي شهر کي رهڻ لائق ۽ معاشي طور مقابلي جوڳو بڻائي سگهجي ٿو. پاڻي، نيڪال ۽ آبپاشي جي شعبي ۾ 40 ملين ڊالر جو ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپروومينٽ پروجيڪٽ 240 ملين ڊالر جو ڪي ڊبليوايس ايس آءِ پي ٽو، 292 ملين ڊالر جو سنڌ واٽر اينڊ ايگريڪلچر ٽرانسفارميشن پروجيڪٽ ۽ 291.23 ملين ڊالر جو سنڌ بيراجز امپروومينٽ پروجيڪٽ شامل آهن. اجلاس ۾ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل منصوبي تحت سنڌ کي ڇهن واش زونز ۾ ورهائڻ جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته ڪي-فور منصوبي جي واڌاري تي به ڪم شروع ڪيو ويو آهي. وڏي وزير پاڻي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته پاڻي ۽ صفائي جا منصوبا ڪي اختياري قدم ناهن، پر عوامي صحت، موسمياتي مزاحمت ۽ معاشي ترقي جو بنياد آهن. سنڌ ارلي لرننگ اينهانسمينٽ ٿرو ڪلاس روم ٽرانسفارميشن (سليڪٽ) منصوبو 154.76 ملين ڊالر تي ٻڌل آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽئين ڪلاس کان پنجين تائين تدريسي ۽ تعليمي مواد سمورن هدف وارن اسڪولن ۾ ورهايو ويو آهي. محفوظ ۽ اثرائتي تعليمي ماحول بابت ٻڌايو ويو ته ڊسمبر 2025ع ۾ 15 اسڪول حوالي ڪيا ويندا، جڏهن ته باقي اسڪول مڪمل ڪري جنوري 2026ع تائين مجموعي طور 45 اسڪول حوالي ڪيا ويندا. وڌيڪ 150 اسڪول مقرر شيڊول مطابق 30 اپريل 2026ع تائين حوالي ڪيا ويندا. چار اضافي فيلڊ انجنيئر ڀرتي ڪرڻ لاءِ انٽرويوز مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ سندن جائزي رپورٽ هلندڙ مهيني جي آخر تائين تيار ڪئي ويندي. هڪ فرم آن بورڊ ڪيو ويو آهي، جنهن ورلڊ بينڪ جي منظوري کان پوءِ فيلڊ وزٽس شروع ڪري ڇڏيا آهن. منصوبي جي نگراني فيلڊ وزٽس، ڊيش بورڊ، ڊي اينڊ ايس فرم ۽ فيلڊ انجنيئرن وسيلي ڪئي پئي وڃي. هن وقت 295 مان 291 اسڪول ڊيش بورڊ تي اپلوڊ ٿي چڪا آهن جڏهن ته باقي چار ڊسمبر جي آخر تائين شامل ڪيا ويندا. ڊيش بورڊ تي دير جي نشاندهي ڪئي پئي وڃي، ٺيڪيدارن کي تدارڪي خط جاري ڪيا ويا آهن ۽ هفتيوار اجلاس باقاعدگي سان ٿي رهيا آهن. ميرپورخاص ضلعي لاءِ فرنيچر جي ڪم جو ٺيڪو جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٽن ضلعن لاءِ ٻوليون 5 ڊسمبر تي کوليون ويون. انهن جي جانچ هن مهيني جي آخر تائين مڪمل ڪئي ويندي. وڌيڪ ٻن ضلعن لاءِ اسپيشل پروڪيورمينٽ نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي ۽ سندن ٽينڊر جلد کوليا ويندا. سمورن 12 ضلعن تي ٻڌل پاڻي جي جامع جائزي رپورٽ گذريل مهيني ورلڊ بينڪ کي جمع ڪرائي وئي آهي، بينڪ جي راءِ کان پوءِ مناسب واٽر فلٽريشن سسٽم چونڊيو ويندو. ان سان گڏ سولر پينلز جون فني وضاحتون به حتمي مرحلي ۾ آهن. هي منصوبو ڪلاس رومز کي جديد بڻائي رهيو آهي ۽ ابتدائي درجن ۾ تعليمي نتيجن کي بهتر بڻائي رهيو آهي. وڏي وزير لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته هدف حاصل ڪرڻ لاءِ خريداري ۽ رقم جي جاري ڪرڻ جو عمل تيز ڪيو وڃي. صحت ۽ آبادي جي شعبي ۾ 200 ملين ڊالر جو سنڌ انٽيگريٽيڊ هيلٿ اينڊ پاپوليشن پروجيڪٽ ۽ 359 ملين ڊالر جو نيشنل هيلٿ سپورٽ پروگرام (سنڌ چيپٽر) شامل آهن. جائزو وٺندي وڏي وزير چيو ته بنيادي صحت، ماءُ ۽ ٻار جي صحت ۽ ايمرجنسي خدمتون اسان جون اولين ترجيحون آهن ۽ انهن جي فراهمي جي رفتار ضرورتن جي شدت مطابق هئڻ گهرجي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نظرثاني ٿيل پي سي ون کي پي ڊي ڊبليو پي کان منظوري ملي چڪي آهي ۽ ان کي سي ڊي ڊبليو پي ڏانهن منظوري لاءِ موڪليو ويو آهي. صحت کاتي کان پي پي ايڇ آءِ ڏانهن 151 بنيادي صحت مرڪز منتقل ڪيا ويا آهن جڏهن ته وڌيڪ 20 مرڪزن جي منتقلي جو عمل جاري آهي جنهن سان مجموعي هدف 171 مڪمل ٿيندو. اهو عمل ڊسمبر جي آخر تائين مڪمل ڪيو ويندو. پي پي ايڇ آءِ طرفان 238 ڪميونٽي هيلٿ ورڪر ڀرتي ڪيا ويا آهن. تربيتي مينوئل حتمي ٿي چڪو آهي ۽ ماسٽر ٽرينرز جي تربيت پڻ مڪمل ٿي وئي آهي. ڪميونٽي هيلٿ ورڪرز جي ٽن مهينن جي تربيت 23 ڊسمبر 2025ع کان شروع ڪئي ويندي. ٻولين جا مسوده دستاويز ورلڊ بينڪ کي فراهم ڪيا ويا هئا، جن تي بينڪ جا رايا نومبر ۾ مليا. صحت کاتي ۽ ورلڊ بينڪ سول ورڪس کي نظر ۾ رکندي مرحليوار منصوبه بندي تي اتفاق ڪيو آهي، جيڪا پي ايم يو جنوري 2026ع جي پهرين هفتي ۾ بينڪ سان شيئر ڪندي. پي پي ايچ آءِ کي بجيٽ 16 ڊسمبر 2025ع تي جاري ڪئي وئي. ماءُ، نون ڄاول ٻارن، ٻار، نوجوان ۽ غذائيت سان لاڳاپيل خدمتن جي استعمال ۽ معيار ۾ بهتري لاءِ نئين سرگرمي نظرثاني ٿيل پي سي ون ۾ شامل ڪئي وئي آهي، جيڪا منظوري جي مرحلن ۾ آهي. پي ايم يو يونيسيف جي سهڪار سان مفاهمتي يادداشت کي حتمي شڪل ڏئي رهيو آهي. پي سي ون جي منظوري ۽ ورلڊ بينڪ جي ري اسٽرڪچرنگ کان پوءِ ايم ايم ايس جي خريداري لاءِ يونيسيف سان معاهدو ڪيو ويندو. بجيٽ حتمي شڪل ۾ آهي ۽ منظوري کان پوءِ سرگرمي شروع ڪئي ويندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 60 ايمبولينسن جي منتقلي جو منصوبو ايس آءِ اي ايچ- پي پي ايڇ آءِ ۽ ايس آءِ ايچ پي پي وچ ۾ حتمي ٿي چڪو آهي جيڪو ڊسمبر 2025ع جي آخر تائين مڪمل ڪيو ويندو. سنڌ ۾ سماجي تحفظ جي نظام کي مضبوط ڪرڻ وارو منصوبو ايس ايس پي ڊي ايس200 ملين ڊالر تي ٻڌل آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽارگيٽنگ اينڊ انرولمينٽ اسپيشلسٽ ۽ ڪنٽريڪٽ مينيجمينٽ اسپيشلسٽ جي ڀرتي مڪمل ٿي چڪي آهي، جڏهن ته هڪ سينيئر هيلٿ اسپيشلسٽ کي اضافي چارج ڏني وئي آهي. بورڊ جي هدايت موجب ٻه ڪاميٽيون قائم ڪيون ويون آهن، جيڪي (1) خاص ڪيسن جي شموليت ۽ (2) اڳڪٿي لائق ادائيگي ماڊل جي منظوري بابت فني سفارشون بورڊ کي پيش ڪنديون. ساليانو ورڪ پلان تيار ڪري منظور ٿيل بجيٽ سان هم آهنگ ڪيو ويو آهي. سماجي تحفظ جي دائري ۾ واڌ ۽ نظام جي مضبوطي بابت وڏي وزير چيو ته هدف وارا سماجي تحفظ جا قدم غربت ۽ اوچتن بحرانن خلاف اسان جي پهرين دفاعي لائين آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 135 ملين ڊالر جو سنڌ لائيو اسٽاڪ اينڊ آبي زراعت سيڪٽرز ٽرانسفارميشن پروجيڪٽ، 650 ملين ڊالر جو سنڌ فلڊ ايمرجنسي ريهيبليٽيشن پروجيڪٽ ۽ 950 ملين ڊالر جو سنڌ فلڊ ايمرجنسي هائوسنگ ريڪنسٽرڪشن پروجيڪٽ شامل آهن. وڏي وزير موسمياتي طور مستحڪم ترقي تي زور ڏيندي چيو ته ٻوڏ کان پوءِ بحالي جو عمل موسمياتي مزاحمت سان گڏ هجڻ گهرجي جيئن رهائش، روزگار ۽ انفراسٽرڪچر کي اڳ کان بهتر بڻائي سگهجي. اجلاس جي پڄاڻي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سڀني کاتن کي هدايت ڪئي ته رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي، خريداري جي عمل ۾ تيزي آندي وڃي ۽ رقم جي وقت سر جاري ٿيڻ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ چيو ته هر ڊالر جو فائدو عوام جي زندگين جي بهتري ۾ نظر اچڻ گهرجي. اجلاس ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه، سردار شاهه، ڄام خان شورو، محمد علي ملڪاڻي، صلاحڪار گيانچند ايسراڻي، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، خاص مددگار قاسم نويد، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، سينيئر صوبائي سيڪريٽرين ۽ ورلڊ بينڪ جا نمائندا شريڪ ٿيا، جڏهن ته ورلڊ بينڪ جا وڌيڪ 13 ماهر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شامل ٿيا.












