ڪراچي-17 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي حڪمن جي روشني ۾ جعلي فٽنس سرٽيفڪيٽ استعمال ڪندڙ گاڏين خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آھي. اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل خبر موجب سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پي ٽي اي سيڪريٽري کي جعلي فٽنس سرٽيفڪيٽس استعمال ڪندڙ سمورين گاڏين جا روٽ پرمٽس رد ڪرڻ، جعلي فٽنس سرٽيفڪيٽس جو رڪارڊ کاتي جي لائيو پورٽل تي اپڊيٽ …
جعلي فٽنس سرٽيفڪيٽ استعمال ڪندڙ گاڏين خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آھي: شرجيل انعام ميمڻ
ڪراچي-17 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي حڪمن جي روشني ۾ جعلي فٽنس سرٽيفڪيٽ استعمال ڪندڙ گاڏين خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آھي. اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل خبر موجب سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ پي ٽي اي سيڪريٽري کي جعلي فٽنس سرٽيفڪيٽس استعمال ڪندڙ سمورين گاڏين جا روٽ پرمٽس رد ڪرڻ، جعلي فٽنس سرٽيفڪيٽس جو رڪارڊ کاتي جي لائيو پورٽل تي اپڊيٽ ڪرڻ، قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ڪارروائي جي رپورٽ ٽن ڏينھن اندر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي. هن چيو تھ ڪيترائي ٽرانسپورٽر پنھنجن گاڏين جي فزيڪل معائني کان بچڻ لاءِ ايجنٽن ذريعي جعلي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري رھيا ھُئا، جعلي فٽنس سرٽيفڪيٽس نھ رڳو قانون جي سنگين ڀڃڪڙي پر عوامي تحفظ جي لاءِ بھ وڏو خطرو آھي. ھن چيو تھ عوام جي جان ۽ مال سان کيڏڻ جي ڪنھن کي بھ اجازت نھ ڏني ويندي، جعلي فٽنيس سرٽيفڪيٽس جو استعمال نھ رڳو قانون جي ڀڃڪڙي پر سنگين ڏوهه آھي. سندس وڌيڪ چوڻ ھو تھ سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽ نظام کي محفوظ، شفاف ۽ قانون موجب بنائڻ لاءِ پرعزم آھي، جيڪو بھ ھن غير قانوني عمل ۾ ملوث ھوندو، ڀلي اھو ٽرانسپورٽر ھُجي يا وري ڪو ايجنٽ، اُن خلاف بنا ڪنھن فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي.












