لاڙڪاڻو-17 ڊسمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻي شهر جي لهر ڪالوني ۾ اڱاري ڏينهن مبينا طور گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب زخمي ٿيل 45 سالن جي عورت مسمات ساجده جتوئي زخمن جا سور نه سهندي ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، جنهن جو مڙهه ايمبولينس ذريعي لاڙڪاڻي آندو ويو، جڏهن ته فوتي عورت جو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ڇائجي وئي. ياد رهي …
لاڙڪاڻو جي لهر ڪالوني ۾ گئس سلينڊر حادثي جي هڪ وڌيڪ زخمي عورت فوت
لاڙڪاڻو-17 ڊسمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻي شهر جي لهر ڪالوني ۾ اڱاري ڏينهن مبينا طور گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب زخمي ٿيل 45 سالن جي عورت مسمات ساجده جتوئي زخمن جا سور نه سهندي ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري وئي، جنهن جو مڙهه ايمبولينس ذريعي لاڙڪاڻي آندو ويو، جڏهن ته فوتي عورت جو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ڇائجي وئي. ياد رهي ته اڱاري ڏينهن لاڙڪاڻي شهر جي لهر ڪالوني ۾ مبينا طور گئس جو سلينڊر ڦاٽي پيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ عورت سميت ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا هئا ۽ 3 گهرن جا 19 ڀاتي سخت زخمي ٿي پيا هئا.












