نئين دھلي-17 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارتي رياست بھار جي وڏي وزير نتيشن ڪمار جي مسلمان ڊاڪٽرياڻي جو نقاب ڇڪڻ جي انتھائي شرمناڪ حرڪت تي بي جي پي جي وزير سنجي نشاد جي شرمناڪ تبصرن مسلمانن جي غم ۽ غصي ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آھي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ھڪ وائرل ويڊيو ۾ بي جي پي جي وزير سنجي نشاد کي حجاب ڇڪڻ جي واقعي تي مسلمانن جي غم …
ڀارت ۾ بي جي پي جي وڏي وزير پاران مسلمان ڊاڪٽرياڻي جو حجاب ڇڪڻ جي واقعي تي شرمناڪ تبصرن مسلمانن جي غم ۽ غصي ۾ اضافو ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
نئين دھلي-17 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارتي رياست بھار جي وڏي وزير نتيشن ڪمار جي مسلمان ڊاڪٽرياڻي جو نقاب ڇڪڻ جي انتھائي شرمناڪ حرڪت تي بي جي پي جي وزير سنجي نشاد جي شرمناڪ تبصرن مسلمانن جي غم ۽ غصي ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آھي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ھڪ وائرل ويڊيو ۾ بي جي پي جي وزير سنجي نشاد کي حجاب ڇڪڻ جي واقعي تي مسلمانن جي غم ۽ غصي جو مذاق ڪندي ڏسي سگھجي ٿو. ويڊيو ۾ وزير کي شرمناڪ تبصرا ڪندي ٻڌي سگھجي ٿو، تبصرن ۾ وزير چيو ته حجاب ڇڪڻ تي ايترو گوڙ ڇو؟ جيڪڏھن ھٿ ٻئي ڪٿي لڳي ھا ته ڇا ٿئي ھا. سوشل ميڊيا صارفين، انساني حقن ۽ نسائي حقن جي تنظيمن، بي جي پي جي وزير جي شرمناڪ تبصرن جي مذمت ڪئي آھي. انھن وزير جي بيان کي انتھائي شرمناڪ قرار ڏيندي چيو ته حجاب ڇڪڻ جي واقعي تي افسوس جو اظھار ڪرڻ بجاءِ وزير جو شرمناڪ تبصرو مسلمانن بابت سندس ڀرپور تعصب جو عڪاس آھي.









