اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) ٽريڊ ڊويلپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آھي ته سکر ۾ 14 فيبروري کان 15 فيبروري تائين منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش سيڪنڊ سکر ٽريڊ ايگزيبيشن اينڊ سيمينار ۾ شرڪت لاءِ 31 ڊسمبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگھجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش سکر ۾ 14 فيبروري کان 15 فيبروري تائين جاري رھندي، جنھن ۾ کجون، چانور، آچار، تازن ميون، …
سکر ۾ منعقد عالمي واپاري نمائش ۾ شرڪت لاءِ درخواستون 31 ڊسمبر تائين طلب
اسلام آباد-17 ڊسمبر (اي پي پي) ٽريڊ ڊويلپمينٽ اٿارٽي پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) چيو آھي ته سکر ۾ 14 فيبروري کان 15 فيبروري تائين منعقد ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش سيڪنڊ سکر ٽريڊ ايگزيبيشن اينڊ سيمينار ۾ شرڪت لاءِ 31 ڊسمبر تائين درخواستون جمع ڪرائي سگھجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي مطابق نمائش سکر ۾ 14 فيبروري کان 15 فيبروري تائين جاري رھندي، جنھن ۾ کجون، چانور، آچار، تازن ميون، ڀاڃيون، تيل، گيھه، ڊيري مصنوعات، جپسم، ماربل، ٽريڪٽر، اسٽيل، ڀاڻ ۽ لوھه جي مصنوعات سان لاڳاپيل ماڻھو ۽ ادارا پنھنجون مصنوعات عالمي خريدارن سامھون پيش ڪرڻ سان گڏو گڏ پنھنجا ڪاروباري معاملا طي ڪري سگھندا. نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل اٿارٽي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگھجن ٿا.












