لاڙڪاڻو-17 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ پاران لاڙڪاڻي جي عوام جون وفاقي ادارن ۽ کاتن بابت شڪايتون ٻڌڻ ۽ انهن جي حل لاءِ لاڙڪاڻي شهر ۾ ريجنل آفيس قائم ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ وفاقي محتسب آفيس جي ريجنل هيڊ سيد محمود علي شاهه پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن جي ماڻهن کي صلاح ڏني وئي آهي ته اهي وفاقي کاتن ۽ …
وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ پاران لاڙڪاڻي جي عوام جون وفاقي ادارن ۽ کاتن بابت شڪايتون ٻڌڻ ۽ انهن جي حل لاءِ لاڙڪاڻي شهر ۾ ريجنل آفيس قائم
لاڙڪاڻو-17 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ پاران لاڙڪاڻي جي عوام جون وفاقي ادارن ۽ کاتن بابت شڪايتون ٻڌڻ ۽ انهن جي حل لاءِ لاڙڪاڻي شهر ۾ ريجنل آفيس قائم ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ وفاقي محتسب آفيس جي ريجنل هيڊ سيد محمود علي شاهه پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن جي ماڻهن کي صلاح ڏني وئي آهي ته اهي وفاقي کاتن ۽ ادارن جي زيادتين بابت پنهنجون درخواستون سچل ٽائون جي هائوس نمبر 187 ۾ قائم ڪيل آفيس ۾ جمع ڪرائن، يا آفيس جي فون نمبر 0749410586 يا فيڪس نمبر 0749410587 تي رابطو ڪن، سندن درخواستن تي فوري طور عمل ڪري مسئلا حل ڪرايا ويندا.












