آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي پاران چئن ڏينهن واري 18 هين عالمي اردو ڪانفرنس 2025 – جشن پاڪستان، 25 ڊسمبر خميس کان شروع ٿيندي

ڪراچي- 16 ڊسمبر (اي پي پي) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي پاران چئن ڏينهن واري 18 هين عالمي اردو ڪانفرنس 2025 - جشن پاڪستان، 25 ڊسمبر خميس کان شروع ٿيندي، جيڪا 28 ڊسمبر تائين آرٽس ڪائونسل ۾ جاري رهندي. اهڙو اظهار آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي صدر محمد احمد شاهه پريس ڪانفرنس کي خطاب ۾ ڪيو. ان موقعي تي ساڻس گڏ ناليواري شاعره زهرا نگاهه، تعليمي ماهر ۽ دانشور …

ڪراچي- 16 ڊسمبر (اي پي پي) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي پاران چئن ڏينهن واري 18 هين عالمي اردو ڪانفرنس 2025 – جشن پاڪستان، 25 ڊسمبر خميس کان شروع ٿيندي، جيڪا 28 ڊسمبر تائين آرٽس ڪائونسل ۾ جاري رهندي. اهڙو اظهار آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي صدر محمد احمد شاهه پريس ڪانفرنس کي خطاب ۾ ڪيو. ان موقعي تي ساڻس گڏ ناليواري شاعره زهرا نگاهه، تعليمي ماهر ۽ دانشور پيرزاده قاسم رضا صديقي، نائب صدر منور سعيد، جوائنٽ سيڪريٽري نورالهديٰ شاهه ۽ سيڪريٽري آرٽس ڪائونسل اعجاز فاروقي پڻ موجود هئا.آرٽس ڪائونسل جي صدر محمد احمد شاهه چيو ته چئن ڏينهن واري ”عالمي اردو ڪانفرنس 2025-جشن پاڪستان“ 25 ڊسمبر کان شروع ٿيندي جيڪا 28 ڊسمبر تائين آرٽس ڪائونسل ۾ جاري رهندي. فاطمه ثريا بجيا، مشتاق احمد يوسفي کاڻوٺي، انتظار حسين سوڌو سڀني وڏن اديبن مون مٿان شفقت جو هٿ رکيو. عالمي اردو ڪانفرنس جو بنياد اسان سڀني گڏجي رکيو. هن چيو ته عالمي اردو ڪانفرنس اسان 18 سال اڳ شروع ڪئي هئي، جيڪا هاڻي دنيا جي سڀ کان وڏي اردو ڪانفرنس بڻجي چڪي آهي.