ڪراچي- 16 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي بلديات واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته لياري جا ماڻهو پاڪستان پيپلز پارٽي سان محبت ڪن ٿا، تعليم جي حوالي سان به لياري ۾ ڪم جاري آهي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت تعليم جو منصوبو شروع ڪيو ويو آهي، جيڪو 400 ملين روپين جي لاڳت سان مڪمل ڪيو ويندو. هن اها ڳالهه لياري جي ڪلري گرائونڊ ۾ مولوي عثمان پارڪ جي …
لياري ۾ پبلڪ پرائويٽ پارٽنرشپ تحت 400 ملين روپين جي لاڳت سان تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ منصوبو شروع ڪيو پيو وڃي: سيد ناصر حسين شاهه
ڪراچي- 16 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي بلديات واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته لياري جا ماڻهو پاڪستان پيپلز پارٽي سان محبت ڪن ٿا، تعليم جي حوالي سان به لياري ۾ ڪم جاري آهي، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت تعليم جو منصوبو شروع ڪيو ويو آهي، جيڪو 400 ملين روپين جي لاڳت سان مڪمل ڪيو ويندو. هن اها ڳالهه لياري جي ڪلري گرائونڊ ۾ مولوي عثمان پارڪ جي سجاوٽ ۽ سينگار جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب، سنڌ اسيمبلي جا ميمبر ۽ ٻيا به موجود هئا. هن چيو ته پارڪ جي تعمير سان مقامي ماڻهن کي تفريح جو بهترين موقعو ملندو. پارڪ ۾ ٻارن، بزرگن، عورتن ۽ نوجوانن لاءِ تفريح جون سڀ سهولتون مهيا ڪيون وينديون. آر او پلانٽ، چينجنگ رومز ۽ واش رومز جون سهولتون پڻ موجود هونديون. لياري جنرل ميٽرنٽي هوم جي به سجاوٽ ۽ سينگار جو ڪم جاري آهي. سنڌ جو وڏو وزير عوام لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي سڄي صوبي ۾ بنا ڪنهن فرق جي، رنگ ۽ نسل کان مٿانهون ٿي خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو جي ويزن مطابق ڪراچي ۾ ترقياتي ڪمن کي تيز ڪيو پيو وڃي. لياري ۾ گهڻا منصوبا نوجوانن لاءِ شروع ڪيا پيا وڃن. لياري بلاول ڀٽو زرداري جي دل جي ويجهو آهي. ان موقعي تي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته بلاول ڀٽو جي هدايت آهي ته نوجوانن لاءِ ڀرپور منصوبا شروع ڪيا وڃن. پنج ارب روپين جي لاڳت سان لياري ۾ منصوبا شروع ڪيا پيا وڃن. سڄي انفراسٽرڪچر جي بحالي تي فوڪس ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته لياري لاءِ 10 ايم جي ڊي پاڻي جي فراهمي جو منصوبو شروع ڪيو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري جو”ترقي يافته ڪراچي، پر امن ڪراچي“ جو ويزن آهي ۽ ان ويزن کان دشمن ڊنل آهن. هن چيو ته ڪي-ٿري لائن مڪمل ٿيڻ سان لياري کي معمول مطابق 10 ايم جي ڊي پاڻي ملندو. اسان لياري کي ڪراچي جو هڪ ماڊل علائقو بڻائي ڏيکارينداسين.












