سکر- 16 ڊسمبر (اي پي پي) ڊي آءِ جي سکر رينج ڪيپٽن (ر) فيصل عبدالله چاچڙ جي نگرانيءَ ۾ پوليس ۽ رينجرز هڪ وڏي ۽ ڪامياب گڏيل آپريشن دوران 10 اغوا ٿيل مسافرن کي ڌاڙيلن جي قبضي مان بازياب ڪرائي ورتو. آپريشن گهوٽڪي جي اوٻاوڙو علائقي ويجهو مسافر بس تي حملي ۽ اغوا جي واقعي کان پوءِ ڪيو ويو. صادق آباد کان ڪوئيٽا ويندڙ مسافر بس تي اوٻاوڙو ويجهو هٿياربند …
ڊي آءِ جي سکر جي نگراني ۾ پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل آپريشن، اغوا ٿيل 10 مسافر بازياب، آپريشن جاري

مزید خبریں
سکر- 16 ڊسمبر (اي پي پي) ڊي آءِ جي سکر رينج ڪيپٽن (ر) فيصل عبدالله چاچڙ جي نگرانيءَ ۾ پوليس ۽ رينجرز هڪ وڏي ۽ ڪامياب گڏيل آپريشن دوران 10 اغوا ٿيل مسافرن کي ڌاڙيلن جي قبضي مان بازياب ڪرائي ورتو. آپريشن گهوٽڪي جي اوٻاوڙو علائقي ويجهو مسافر بس تي حملي ۽ اغوا جي واقعي کان پوءِ ڪيو ويو. صادق آباد کان ڪوئيٽا ويندڙ مسافر بس تي اوٻاوڙو ويجهو هٿياربند ڌاڙيلن حملو ڪيو، جنهن دوران ڪيترن ئي مسافرن کي اغوا ڪري کڻي ويا ۽ فائرنگ ڪرڻ ۽ خوف پکيڙڻ کان پوءِ فرار ٿي ويا. واقعي جو اطلاع ملندي ئي، ڊي آءِ جي سکر رينج جي هدايتن تي پوليس ۽ رينجرز فوري طور تي علائقي کي سخت ڪڙو چاڙهي وڏي پيماني تي سرچ آپريشن شروع ڪيو. ان موقعي تي سومياڻي علائقي ۾ به پوليس ۽ رينجرز جو ڌاڙيلن سان مقابلو ٿيو، جنهن کان پوءِ 10 اغوا ٿيل مسافرن کي ڪاميابي سان بازياب ڪرايو ويو. پوليس پاران مليل ڄاڻ موجب آپريشن دوران ٻن ڌاڙيلن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. ڊي آءِ جي سکر جي اڳواڻي ۾ سڄي رات جاري رهندڙ آپريشن دوران، ڪچي جي علائقن ڏانهن ويندڙ سڀني رستن کي وقت سر بند ڪيو ويو، جنهن ڪري ڌاڙيل اغوا ٿيل مسافرن کي ڪچي منتقل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا. سيڪيورٽي فورسز جي وقت سر حڪمت عملي ۽ اثرائتي ناڪه بندي جي نتيجي ۾ ڌاڙيلن کي ڀڄائي ڪڍيو ويو ۽ اغوا ٿيل مسافرن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو. پوليس اختيارين موجب، علائقي ۾ ناڪه بندي آهي ۽ ملوث ڌاڙيلن جي ڳولا جو عمل جاري آهي. سيڪيورٽي فورسز، ڌاڙيلن جي فرار ٿيڻ جا سڀئي رستا بند ڪري ڇڏيا آهن ته جيئن انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ڊي آءِ جي سکر موقعي تي موجود هو ۽ آپريشن جي نگراني ڪري رهيو آهي. هن واضح ڪيو آهي ته آپريشن ان وقت تائين جاري رهندو جيستائين واقعي ۾ ملوث سڀئي ڌاڙيل مڪمل طور تي ختم نه ٿي وڃن ۽ علائقي ۾ امن امان مڪمل طور تي بحال نه ٿي وڃي.











