مئي 2025ع جي ڀارتي حملي ۾ هٿياربند فوج جي شهيدن جي وارثن لاءِ امدادي رقم ۾ اضافي جو اعلان

پشاور- 16 ڊسمبر (اي پي پي) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي مئي 2025ع جي بزدلاڻي ڀارتي حملي ۾ صوبي جي شهيد ٿي ويل هٿياربند فوج جي ڪارڪنن جي وارثن سان ملاقات ڪئي. وزيراعلي هائوس پشاور جي ترجمان موجب ملاقات دوران وڏي وزير محمد سهيل آفريدي چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت شهيدن جي ڪٽنبن سان هر قدم تي مڪمل سهڪار جاري رکندي. هن شهيدن جي وارثن لاءِ ڪابينا مان منظور …

پشاور- 16 ڊسمبر (اي پي پي) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي مئي 2025ع جي بزدلاڻي ڀارتي حملي ۾ صوبي جي شهيد ٿي ويل هٿياربند فوج جي ڪارڪنن جي وارثن سان ملاقات ڪئي. وزيراعلي هائوس پشاور جي ترجمان موجب ملاقات دوران وڏي وزير محمد سهيل آفريدي چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت شهيدن جي ڪٽنبن سان هر قدم تي مڪمل سهڪار جاري رکندي. هن شهيدن جي وارثن لاءِ ڪابينا مان منظور ٿيل 50 لک رقم ۾ 50 لک وڌيڪ اضافي جو اعلان ڪيو. هن صوبي جي زخمي اهلڪارن لاءِ امدادي رقم 10 لک مان وڌائي 25 لک ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو. محمد سهيل آفريدي جو چوڻ هو ته ڪي پي ڪي جي عوام جون لازوال قربانيون ملڪ ۽ قوم جي سلامتي جي ضمانت آهن. حق جي راهه ۾ شهيد ٿي ويل ڪڏهن به نه مرندا آهن. شهادت مسلمان لاءِ سڀ کان وڏو ۽ اعلٰيٰ رتبو آهي. هن چيو ته شهيد اسان جو فخر آهن ۽ حڪومت انهن جي وارثن جو ڀرپور خيال رکندي.