ڪراچي-15 ڊسمبر (اي پي پي)سنڌ جي سينئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي لاءِ ڊبل ڊيڪر بسون بندرگاهه تي پهچي ويون آهن ۽ انشاءَ الله جلد ئي شهر جي روڊن تي نظر اينديون. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اهي بسون ڪراچي ۾ عوامي سفري سهولتن کي بهتر بڻائڻ ڏانهن هڪ اهم قدم آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت جو …
ڪراچيءَ لاءِ ڊبل ڊيڪر بسون بندرگاهه تي پهچي ويون آهن: شرجيل انعام ميمڻ

مزید خبریں
ڪراچي-15 ڊسمبر (اي پي پي)سنڌ جي سينئر وزير ۽ صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي لاءِ ڊبل ڊيڪر بسون بندرگاهه تي پهچي ويون آهن ۽ انشاءَ الله جلد ئي شهر جي روڊن تي نظر اينديون. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اهي بسون ڪراچي ۾ عوامي سفري سهولتن کي بهتر بڻائڻ ڏانهن هڪ اهم قدم آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت جو ٽرانسپورٽ کاتو سڀني معاملن کي آخري شڪل ڏئي رهيو آهي ته جيئن ڊبل ڊيڪر بسن کي جلد کان جلد سروس ۾ شامل ڪري سگهجي. شرجيل انعام ميمڻ مطابق، سنڌ حڪومت شهرين کي جديد، محفوظ ۽ آرامده سفري سهولتون فراهم ڪرڻ جا پنهنجا واعدا پورا ڪري رهي آهي، ۽ ڊبل ڊيڪر بسن جي شموليت هن سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.











