ڪراچي-15 ڊسمبر (اي پي پي) ڪراچي ورلڊ بڪ فيئر 2025 جي انتظامي ڪاميٽي اعلان ڪيو آھي ته ڪراچي ورلڊ بڪ فيئر (ڪتابن جو عالمي ميلو) 18 کان 22 ڊسمبر 2025 تائين ڪراچي ايڪسپو سينٽر جي ھال نمبر 1،2 ۽ 3 ۾ منعقد ٿيندو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مئنيجنگ ڪاميٽي جي جي ڪنوينر وقار متين خان چيو تھ 5 ڏينھن واري ڪتابن جي ان عالمي ميلي ۾ پاڪستان جا 140 …
ڪراچي ورلڊ بڪ فيئر 18 کان 22 ڊسمبر 2025 تائين ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ منعقد ٿيندو

مزید خبریں
ڪراچي-15 ڊسمبر (اي پي پي) ڪراچي ورلڊ بڪ فيئر 2025 جي انتظامي ڪاميٽي اعلان ڪيو آھي ته ڪراچي ورلڊ بڪ فيئر (ڪتابن جو عالمي ميلو) 18 کان 22 ڊسمبر 2025 تائين ڪراچي ايڪسپو سينٽر جي ھال نمبر 1،2 ۽ 3 ۾ منعقد ٿيندو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مئنيجنگ ڪاميٽي جي جي ڪنوينر وقار متين خان چيو تھ 5 ڏينھن واري ڪتابن جي ان عالمي ميلي ۾ پاڪستان جا 140 ناليوارا پبلشرز ۽ ڪتاب وڪرو ڪندڙن کان علاوھ 17 ملڪن سان تعلق رکندڙ 40 پرڏيھي نمائش ۾ حصو وٺي رھيا آھن. ھن چيو تھب ھلندڙ سال بڪ فيئر ۾ 325 کان وڌيڪ اسٽال لڳايا ويندا. ھن چيو تھ ھي ميلو ايونٽ اينڊ ڪانفرنس انٽرنيشنل پرائيويٽ لميٽيڊ جي انتظام ھيٺ پاڪستان پبلشرز اينڊ بڪ سيلرز ايسوسيئيشن (پي پي بي اي) جي سھڪار سان منعقد ڪيو پيو وڃي. وقار متين ٻڌايو تھ تعليم ۽ خواندگي وارو صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ 18 ڊسمبر تي ”ڪراچي بڪ فيئر“جو افتتاح بطور خاص مھمان ڪندو، جڏھن تھ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان جو صدر محمد احمد شاھ اعزازي مھامن ھوندو. انور مقصود کي بھ اعزازي مھان طور مدعو ڪرڻ چاھيون ٿا جنھن سان ان ڏس ۾ رابطي ۾ آھيون. ھن چيو تھ پريس ڪانفرنس ۾ ڳالھائيندي پاڪستان پبلشرز اينڊ بڪ سيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين ڪامران نوراني چيو تھ ترڪي، سنگاپور،چين، ملائيشيا ،برطانيا،گڏيل عرب امارتن سوڌو مختلف ملڪن جا پبلشرز ھن عالمي ادبي ميلي ۾ شرڪت ڪري رھيا آھن. پريس ڪانفرنس ۾ ڊپٽي ڪنوينر سيد ناصر حسين،نائب چيئرمين نديم مظھر،نيشنل بڪ فائونڊيشن جي ريجنل ڊائريڪٽر فياض علي اعواڻ، ڪامران نوراني، نديم مظھر ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.











